ڪامريڊ اعزاز نظير
ڪامريڊ اعزاز نظير حيدرآباد دکن جي محلي گوشه محل ۾ 3- -جنوري- 1930ع تي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد درگاهه حضرت عبدالله جنوني جو سجاده نشين هو. شاگرديءَ جي زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو. جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذيلي تنظيم هئي. -ان- زماني ۾ تلنگانه هاري تحريڪ هلي ته شاگردن -ان- جي حمايت ۾ تحريڪ هلائي. سندس سرگرمين سبب گرفتاري وارنٽ -جاري- ٿيا ته هو لڪي، مئي 1951ع ۾ پاڪستان جي شهر ڪراچيءَ ۾ پهتو. هتي پهچڻ بعد حيدرآباد دکن سان واسطو رکندڙ -ترقي- پسند نوجوانن سان گڏجي سياسي سرگرميون شروع ڪيائين. ادبي گڏجاڻين دوران سندس ملاقات ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ سان ٿي ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۾ حصو ورتائين. ڪراچيءَ ۾ جڏهن ڪميونسٽن ۽ مزدور اڳواڻن خلاف حڪومت وٺ پڪڙ تيز ڪئي ته مکيه ڪارڪن سنڌ جي اندرين علائقن ۾ پهتا ۽ اتي نالا مٽائي ڪم ڪرڻ لڳا. هن پنهنجو نالو ڊاڪٽر نظير رکيو. -پارٽي- جي فيصلي تحت ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، -امام- علي نازش، ڪامريڊ شرف بخاري، سائين عزيز -الله- جي رهنمائيءَ ۾ حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ خفيه طور هارين ۽ مزدورن ۾ ڪم -جاري- رکيو. اعزاز نظير خيرپور، سکر ۽ روهڙيءَ ۾ پارٽيءَ جي ڪل وقتي ڪارڪن يعني پيشور انقلابي جي حيثيت سان مختلف محاذن تي ڪم ڪيو. هو نيشنل عوامي -پارٽي- ۾ به سرگرم رهيو. -ان- تي بندش پوڻ تي نيشنل ڊيموڪريٽڪ -پارٽي- ۽ پوءِ مير غوث بخش -بزنجو- جي -پاڪستان- نيشنل -پارٽي- ۾ ڪم ڪيائين. 1977ع ۾ پارٽيءَ جي فيصلي تحت نيشنل پروگريس -پارٽي- ٺاهي وئي ته هي -ان- جو صدر ٿيو. هن خان عبدالولي خان، مير غوث بخش بزنجي ۽ ٻين مکيه سياستدانن سان گڏ آزاد -پاڪستان- پارٽيءَ کان وٺي عوامي جمهوري پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيو. ساڳي طرح لانڍي، ڪورنگيءَ جي مزدور يونين کان وٺي -پاڪستان- ورڪرز فيڊريشن تائين انيس هاشمي، نبي احمد، شميم واسطي سان گڏجي پورهيتن لاءِ ڪم ڪيو. هو مختلف وقتن تي جيلن ۾ رهيو پر هو سڄو عرصو ڪميونسٽ -پارٽي- سان وابسته رهيو. 4 فيبروري 1998ع تي گذاري ويو.[1]