ڪارڊف
ڪارڊف (Cardiff)
ڪئرڊڊ (Caerdydd) | |||
|---|---|---|---|
راڄڌاني ۽ ڪائونٽي | |||
| |||
| Anthem: Motto
| |||
ويلز جي نقشي ۾ ڪارڊف ڏيکاريل | |||
گڏيل بادشاھت ۾ ڪارڊف جي لوڪيشن | |||
| جاگرافي بيهڪ: 51°28′54″N 03°10′45″W / 51.48167°N 3.17917°W | |||
| ملڪ | |||
| ملڪ (آئيني) | ويلز | ||
| علائقو | ڪاري علائقو | ||
| ڪائونٽي | ڏاکڻي گليمورگن | ||
| شهر جي حيثيت | 1905ع | ||
| راڄڌاني بڻايو ويو | 1955ع | ||
| انتظامي هيڊ ڪوارٽر | سٽي هال | ||
| Government | |||
| • Type | پرنسپل ڪائونسل | ||
| • Body | ڪارڊف ڪائونسل | ||
| • ڪنٽرول | ليبر پارٽي | ||
| • برطانيا جي پارليامينٽ جا رڪن (MP) | 4 | ||
| • سينيڊ جا رڪن (MS)) | 4 | ||
| • آبادي (2022) | 372,089 (1st) | ||
| Area | |||
• Total |
141 ڪ.م2 (54 ميل2) | ||
| • Rank | 19 | ||
ڪارڊف (انگريزي: Cardiff؛ ويلش ٻولي: Caerdydd)، ويلز جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. سال 2023ع ۾ ڪارڊف جي آبادي 3,72,089 هئي ۽ هڪ مکيه علائقو، جيڪا سرڪاري طور تي "ڪارڊف شهر ۽ ڪائونٽي" جي نالي سان مشهور آهي، ٺاهيندو آهي. ڪارڊف برطانيه ۾ يارهين نمبر تي وڏو شهر آهي ۽ ويلز جي ڏکڻ-اوڀر ۾ ڪارڊف ڪيپيٽل ريجن ۾ ايندو آهي.
ڪارڊف گليمورگن جي هڪ تاريخي ڪائونٽي هئي ۽ 1974ع کان 1996ع تائين، اها ڏکڻ گليمورگن جو هڪ ڪائونٽي شهر هو. ڪارڊف يورپي شهرن جي سڀ کان وڏي "يوروسٽيز" نيٽ ورڪ جو حصو آهي.[2] 19هين صدي جي شروع تائين هڪ ننڍڙو شهر، سال 1905ع ۾ جدهن علائقي ۾ ڪوئلي جي کان کني شروع ٿي، ڪوئلي جي بندرگاهه جي حيثيت، ان جي شهرت ۾ اضافو ڪيو. 1955ع ۾ ان کي شهر جي حيثيت ڏني وئي ۽ سال 1955ع ۾ هن کي ۾ ويلز جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. ڪارڊف شهري علائقو، ڪائونٽي جي حد کان ٻاهر هڪ وڏي علائقي کي ڍڪي ٿو، جنهن ۾ ڊائناس پاويس ۽ پينارٿ جا قصبا شامل آهن.
ڪارڊف ويلز جو مکيه تجارتي مرڪز آهي ۽ گڏوگڏ ويلز جي پارليامينٽ، سينيڊ جو ماڳ آھي. 2021ع جي آدمشماري ۾، هن جي وحدتي اختيار واري علائقي جي آبادي 3,62,400 ڏيکاري وئي[3] ۽ سال 2011ع ۾ هن جي وڏي شهري علائقي جي آبادي 4,79,000 هئي.[4] ان کي نيشنل جيوگرافڪ ميگزين جي "دنيا ۾ متبادل سياحتي منزلن جي فهرست" ۾ ڇهين نمبر تي رکيو ويو هو.[5] سال 2017ع ۾ ٻه ڪروڙ تيرهن لک سياح سان گڏ، ڪارڊف شهر ويلز ۾ سڀ کان مشهور سياحتي ماڳ آهي.[6]
ڪارڊف ٽيليويزن ۽ فلم پراڊڪشن جو هڪ وڏو مرڪز ۽ گڏيل بادشاھت جي مکيه قومي نشرياتي چينلن لاءِ ويلش بيس آهي.
قومي پارليامينٽ، "سينيڊ" جي عمارت ۽ "ويلز ملينيم سينٽر آرٽس ڪمپليڪس" ڪارڊف بي ۾ واقع آهن. ڪارڊف ساحلي علائقي ۽ شهر جي مرڪز ۾ منصوبن، جهڙوڪ "ڪارڊف عالمي اسپورٽس وليج"، "بي بي سي ڊراما وليج"[7] ۽ واپار جي هڪ نئين ضلعي جي قيام لاء ترقياتي ڪم جاري آهن.[8]
نالو
[سنواريو]
Cardiff is the main commercial centre of Wales as well as the base for the Senedd, the Welsh Parliament. At the 2021 census, the unitary authority area population was put at 362,400. The population of the wider urban area in 2011 was 479,000. In 2011, it ranked sixth in the world in a National Geographic magazine list of alternative tourist destinations. It is the most popular destination in Wales with 21.3 million visitors in 2017.
Cardiff is a major centre for television and film production (such as the 2005 revival of Doctor Who, Torchwood and Sherlock) and is the Welsh base for the main national broadcasters.
Cardiff Bay contains the Senedd building and the Wales Millennium Centre arts complex. Work continues at Cardiff Bay and in the centre on projects such as Cardiff International Sports Village, BBC drama village,[9] and a new business district.[10]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Your Council", Cardiff Council, اصل کان 25 March 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 6 August 2024۔
- ↑ "Eurocities", اصل کان 28 September 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 May 2008۔
- ↑ "Population and household estimates, Wales: Census 2021: 3. Local authority populations in Wales", Office of National Statistics, 28 June 2022, حاصل ڪيل 10 April 2025۔
- ↑ "Welsh Government Official Data – Stats Wales", اصل کان 20 June 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 July 2017۔
- ↑ "'Gem' Cardiff in world's top 10 places to visit in 2011". BBC News. 22 June 2011. https://www.bbc.co.uk/news/uk-wales-south-east-wales-13875925.
- ↑ "Cardiff Boasts Record Visitor Numbers During 2017" (en-GB ۾). Business News Wales. 26 March 2018. https://businessnewswales.com/cardiff-boasts-record-visitor-numbers-during-2017/.
- ↑ "Proposed BBC Drama Village at Media Capital, Roath Basin", Welsh Assembly Government, 14 December 2009, اصل کان 15 March 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 6 April 2011۔
- ↑ "Cardiff Business District 'needs skills and transport'". BBC Wales. 30 March 2011. https://www.bbc.co.uk/news/uk-wales-south-east-wales-12905961.
- ↑ "Proposed BBC Drama Village at Media Capital, Roath Basin", Welsh Assembly Government, 14 December 2009, اصل کان 15 March 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 6 April 2011۔
- ↑ "Cardiff Business District 'needs skills and transport'". BBC Wales. 30 March 2011. https://www.bbc.co.uk/news/uk-wales-south-east-wales-12905961.