مواد ڏانھن هلو

ڪاري جيري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاري جيري (ٻيا نالا: عربي: ڪمون رومي، فارسي: ڪرديا، هندي، وغيره: ڪالي زيري، قردمانا، شاه زيري، توخري ۽ اقاذوا) جِيري جي شڪل تي سبزاڻ مائل ڪاري رنگ جو هڪ ٻج آهي.

گهاٽي بلغم کي تحليل ڪري ٿو. معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪري ٿو. بدن کي ٿلھو ڪري ٿو. ٻرهل، گڙدي ۽ جگر جي سور لاءِ مفيد آهي. پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪري ٿو. هن جي لپري سخت ڳوڙهن ۽ سور وارين جاين تي ٻڌجي تہ ڳوڙهن کي نرم ڪري ڦاڙيندي ۽ سور لاهيندي. هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي اُن جون گرڙيون ڪرائبيون تہ وات جي ڦٽن ڦرڙين ۽ خناق جي ڳوڙهن کي فائدو ڪنديون.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.