مواد ڏانھن هلو

ڪارل لينڊسٽينر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪارل لينڊسٽينر
Karl Landsteiner

ForMemRS
پيدائش14 جون 1868(1868-06-14)
باڊين بائي وين، آسٽريا-هنگري
وفات26 جون 1943(1943-06-26) (عمر 75 سال)
نيو يارڪ شهر، گڏيل رياستون
شھريت
مادر علميويانا يونيورسٽي (MD) 1891ع
شھرت جو ڪارڻرت جي گروپن جي سرشتي جي تحقيق، رئسس (Rh Factor) جي دريافت، پوليو وائرس جي دريافت
اعزاز



سائنسي ڪيريئر
شعبا
اداري



  • ويانا يونيورسٽي
  • طبي تحقيق لاء راڪفيلر انسٽيٽيوٽ
ٿيسز-->
سڃاڻپ نشان



ڪارل لينڊسٽينر (Karl Landstiener؛ 14 جون، 1868ع - 26 جون، 1943ع)، هڪ آسٽريائي-آمريڪي طب ۽ حياتيات جو ماهر ۽ اميونولوجسٽ هو.[2] هن پيشه وارانه موقعن لاءِ، پنهنجي خاندان سان گڏ سال 1923ع ۾ 55 سالن جي عمر ۾ نيويارڪ ڏانهن هجرت ڪئي ۽ راڪفيلر انسٽيٽيوٽ لاءِ ڪم ڪيو.[3]

هن سال 1901ع ۾ رت جي مکيه گروپن ۾ فرق ڪيو، رت ۾ ايگلوٽينن جي موجودگيءَ جي سڃاڻپ کان وٺي رت جي گروپن جي درجي بندي جو جديد نظام جوڙيو. سال 1937 ۾، اليگزينڊر ايس وينر سان گڏ، هن ريسس عنصر (Rhesus factor) جي نشاندهي ڪئي، اهڙيء طرح ڊاڪٽرن کي مريض جي زندگي کي خطري ۾ وڃي بغير رت جي منتقلي ڪرڻ جي قابل بڻائي.

هن سال 1909ع ۾ ڪونسٽنٽن ليوئڊيٽي ۽ ايرون پاپر سان گڏجي پوليو جو وائرس دريافت ڪيو. هن کي سال 1926ع ۾ ارونسن انعام مليو. سال 1930ع ۾ هن طب يا فزيالوجي جو نوبل انعام حاصل ڪيو . هن کي سال 1946ع ۾، انهن جي وفاتي کانپوء لاسڪر ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن کي "رت جي منتقلي جي طب جو پيءُ" قرار ڏنو ويو آهي.[4][5]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

باب:طب ۽ صحت

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Nobel Prize in Physiology or Medicine سانچو:1930 Nobel Prize winners

حوالا

[سنواريو]
  1. Dorner, Friedrich; Schwarz, Hans Peter (2003). "Karl Landsteiner and his major contributions to haematology". British Journal of Haematology 121 (4): 556–565. doi:10.1046/j.1365-2141.2003.04295.x. PMID 12752096.
  2. "Karl Landsteiner", Jewish Virtual Library
  3. "Karl Landsteiner". Nobel Lectures, Physiology or Medicine 1922–1941. Amsterdam: Elsevier Publishing Company. 1965. https://www.nobelprize.org/nobel_prizes/medicine/laureates/1930/landsteiner-bio.html. Retrieved 12 June 2018.
  4. Shurin, Michael R.; Shurin, Galina V.; Shurin, Ken M. (2022). Basic and Clinical Immunology by Names. Springer Nature. p. 83. ISBN 978-3-031-14528-5.
  5. Wiener, A. S. (1968). "Karl Landsteiner: Father of Blood Grouping and Immunochemistry". Acta Geneticae Medicae et Gemellologiae 17 (4): 641–646. doi:10.1017/s112096230001249x. PMID 4895093.