مواد ڏانھن هلو

ڪارل ساگان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪارل ساگان

سندس 1980 ۾ نڪتل تصوير
پيدائش ڪارل ايڊورڊ ساگان
نومبر 9 1934(1934-11-09)
بروڪلن, نيويارڪ، يو ايس
وفات ڊسمبر 20, 1996 (عمر 62 سال)
سيٽل, واشينگٽن رياست، يو ايس
مدفن ليڪ ويو قبرستان، اٿاڪا، نيويارڪ
قوميت آمريڪي
مادر علمي يونيورسٽي آف شڪاگو,
(BA, BS, MS, PhD)
شھرت جو ڪارڻ
جيون ساٿي Lynn Margulis (ش. 1957; ط. 1965)
Linda Salzman (ش. 1968; ط. 1981)
Ann Druyan
(ش. 1981)
ٻار ٻچا 5, including ڊوريان ساگان ۽ نڪ ساگان
اعزاز Klumpke-Roberts Award (1974)
NASA Distinguished Public Service Medal (1977)
Pulitzer Prize for General Non-Fiction (1978)
Oersted Medal (1990)
Carl Sagan Award for Public Understanding of Science (1993)
National Academy of Sciences Public Welfare Medal (1994)
'سائنسي پيشو'
شعبو
ادارا
ٿيسز جو موضوع Physical studies of planets (1960)
ڊاڪٽريٽ وارا شاگرد
سڃاڻپ نشان

مشھور فلڪياتي سائنسدان ڪارل ساگان 9 نومبر 1934ع ۾ بروڪلن نيويارڪ ۾ پيدا ٿيا ۽ ڪارل ساگان جن جي وفات 20 ڊسمبر 1996ع ۾ 62 سال جي عمر ۾ ٿي. ھن شڪاگو جامعہ کان تعليم وٺڻ کانپوءِ فلڪياتي تحقيق جي عملي ميدان ۾ ٻہ سئو کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا پڻ لکيا. "زندگي جي شروعات ڪيئن ٿي" اُن تي ڪارل ساگان جو ڪم انھن جي سڀ کان وڏي ڪاميابي مڃي ويندي آهي. ڪارل ساگان اهو پھريون سائنسدان هُيو جنھن تجربو ڪري ثابت ڪيو تہ جيڪڏهن آڪسيجن جي بغير ڪنھن بند شيشي جي گولي ۾ پاڻي ۽ سادي ماليڪيولز جھڙا امونيا ميٿين ۽ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ وڌي وڃي تہ امانيو ايسڊ ٺھي ويندي آهي، زمين جي شروعاتي دور ۾ بہ ائين ئي ٿيو هيو، ان نظريي سائنس کي لوڏي ڪري رکيو. اڄ اسان جيترو بہ بگ بينگ ۽ زندگي جي شروعات کي ڄاڻي چڪا آهيون اها جيمز جين ايڊون هبل ۽ ڪارل ساگان جي ڪري آهي. اسان اڄ ائين چئي سگھون ٿا تہ ڪارل ساگان جھڙو سائنسدان نہ هجي ها تہ اسان گلوبل وارمنگ ٿيوري کي ائين ڄاڻي  نہ سگهون ها! شايد سيارن جي مٿاڇري ۾ هوائي ميدان ۾ موجود گيسون ڪيئن گرمي کي قيد ڪري هڪ سياري ذحل کي سڙڻ جھڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ زمين تي رهندڙن جي مستقبل جو نہ سوچيو ويو تہ زمين جو ڇا ٿيندو هي سڀ ڪارل ساگان جي ئي تحقيقن جو ڪمال آهي. انکان سواءِ نظام شمسي ۾ زمين کانپوءِ زحل جي چنڊ تي زندگي ٿي سگھندي اھو بہ ڪارل ساگان جي تحقيق ڪارڻ سمجھ ۾ آيو. ڪارل ساگان اهڙا سولا سگنل ۽ تصويرون پڻ ٺاهيون جن کي ڪابہ خلائي مخلوق جيڪڏهن حاصل ڪري سگھي تہ اسانجي باري ۾ سولائي سان ڄاڻي سگھندي. جن کي ناسا پاران پنھنجن انھن خلائي مشنن سان گڏ خلا ۾ موڪليو ويو هيو.

1997ع ۾ ناسا پاران خلائي جھاز "وائجر ون" روانو ڪيو ويو جنھن جو ڪم نظام شمسي جي ٻاهرين سيارن جو مشاهدو ڪرڻ هيو. پھريان خيال اھو هيو تہ 1980ع ۾ زحل جي مشاهدي کانپوءِ مشن ختم ٿي وڃي پر مشھور سائنسدان ڪارل ساگان جي چوڻ تي انکي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن جھاز زحل جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ اڳتي وڌڻ وارو هيو تہ ڪارل ساگان هڪ تجویز پيش ڪئي تہ ان جھاز جي ڪيمري سان زمين جي ھڪ الوداعي تصوير ورتي وڃي، جيتوڻيڪ ايترو پري جي فاصلي کان ورتي ويندڙ تصوير جو ڪو سائنسي فائدو نہ هيو ان لاءِ انجي مخالفت ٿي پر پوءِ انکي هڪ يادگار طور تي تصوير وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هي تصوير 1990ع ۾ ورتي وئي جڏهن جھاز زمين کان ڇھ ارب ڪلوميٽر پري هيو، جنھن ۾ تصوير هڪ ننڍڙي نُڪتي جيان نظر اچي رهي هئي. ڪارل ساگان جن ان تصوير کي ڪائنات ۾ اسانجي حيثيت کي واضع ڪرڻ جي لاءِ هڪ علامت طور استعمال ڪيو.[2]

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 سانچو:MathGenealogy
  2. ”دريا خان سنڌي“