ڪارخانو

ڪارخانو يا فيڪٽري (Factory)، صنعتي پلانٽ يا پيداواري پلانٽ هڪ اهڙو صنعتي هنڌ هوندو آهي، جيڪو عام طور تي ڪيترن ئي عمارتن تي مشتمل هوندو آهي جتي مشينري لڳل هوندي آهي. اتي پورهيت شيون تيار ڪندا آهن يا اهڙيون مشينون هلائيندا آهن جيڪي هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ ۾ تبديل (Process Manufacturing) ڪنديون آهن. فيڪٽريون جديد معاشي پيداوار جو هڪ اهم حصو آهن، ڇاڪاڻ ته دنيا جون اڪثر شيون فيڪٽرين ۾ ئي ٺاهيون يا تيار ڪيون وينديون آهن.
فيڪٽرين جو آغاز صنعتي انقلاب دوران مشينري جي اچڻ سان ٿيو، جڏهن سرمايو (Capital) ۽ جڳهه جي ضرورت ايتري وڌي وئي جو گهرو صنعتون يا ننڍا ورڪشاپ ڪافي نه رهيا. شروعاتي فيڪٽريون جن ۾ تمام گهٽ مشينون ۽ تمام گهٽ پورهيت هوندا هئا، تن کي "بهتر ورڪشاپ" چيو ويندو هو.[1]
اڪثر جديد فيڪٽرين ۾ وڏا گودام (Warehouses) هوندا آهن جن ۾ اسمبلي لائن جي پيداوار لاءِ وڏيون مشينون لڳل هونديون آهن.
تاريخ
[سنواريو]

ميڪس ويبر قديم ۽ وچين دور جي پيداوار کي فيڪٽري جي زمري ۾ نٿو رکي، ڇاڪاڻ ته ان وقت پيداوار جا طريقا ۽ معاشي صورتحال جديد صنعتي ترقي سان مابقت نٿي رکي. قديم زماني ۾، پيداوار گهرن تائين محدود هئي، جيڪا بعد ۾ گهر کان ٻاهر هڪ الڳ سرگرمي بڻجي وئي.
آرڪيالاجي (Archaeology) موجب، 5000 ق.م ۾ پهريون شهر 'ٽيل بريڪ' (Tell Brak) هو، جتان تعاون ۽ پيداوار جي گهرج جا آثار مليا آهن.[2]
پاڻي واري چڪي (Watermill) ٽين صدي ق.م کان اڳ تيار ڪئي وئي هئي.[3] رومي سلطنت ۾ مڇيءَ جي ساس ٺاهڻ جون فيڪٽريون عام هيون.[4]
وچين دور جي اسلامي شهرن ۾ آباديءَ جي واڌ سبب وڏي پيماني تي ملنگ (Milling) لڳائي وئي هئي. مثال طور، ڏهين صديءَ ۾ مصر جي شهر بلبيس (Bilbays) ۾ هڪ فيڪٽري روزانو اندازاً 300 ٽن اناج ۽ اٽو پيهندي هئي.[5]
وينس جو آرسينل (Venice Arsenal) جديد معنيٰ ۾ فيڪٽريءَ جو پهريون مثال پيش ڪري ٿو. 1104ع ۾ قائم ٿيل هن جاءِ تي ٻيڙيون اسمبلي لائن ذريعي تيار ڪيون وينديون هيون، جيڪي صنعتي انقلاب کان به ڪيترائي سو سال اڳ جي ڳالهه آهي.
صنعتي انقلاب
[سنواريو]
هڪ ابتدائي فيڪٽري جان لومبي (John Lombe) جي پاڻي سان هلندڙ ريشم جي مل هئي جيڪا 1721ع ۾ ڊربي (Derby) ۾ قائم ڪئي وئي هئي.
رچرڊ آرڪ رائيٽ (Richard Arkwright) کي جديد فيڪٽريءَ جي نموني جو باني سمجهيو ويندو آهي. هن 1769ع ۾ پنهنجي واٽر فريم کي پيٽنٽ ڪرائڻ کانپوءِ ڪرومفورڊ مل (Cromford Mill) قائم ڪئي. فيڪٽري سسٽم پورهيتن کي منظم ڪرڻ جو هڪ نئون طريقو هو، جنهن جي ضرورت ان ڪري پئي جو مشينون ايتريون وڏيون هيون جو اهي پورهيتن جي گهرن ۾ نٿي رکي سگهيون.
1770ع ۽ 1850ع جي وچ ۾ مشينن وارين فيڪٽرين روايتي ورڪشاپن جي جڳهه ورتي، ڇاڪاڻ ته وڏي پيماني تي پيداوار جا ٽيڪنالاجي ۽ نگراني جا فائدا وڌيڪ هئا.[6]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Landes, David. S. (1969). The Unbound Prometheus: Technological Change and Industrial Development in Western Europe from 1750 to the Present. Cambridge, New York: Press Syndicate of the University of Cambridge. ISBN 0-521-09418-6.
- ↑ Oates, Joan; McMahon, Augusta; Karsgaard, Philip; Quntar, Salam Al; Ur, Jason (September 2007). "Early Mesopotamian urbanism: a new view from the north" (en ۾). Antiquity 81 (313): 585–600. doi:. ISSN 0003-598X. http://nrs.harvard.edu/urn-3:HUL.InstRepos:4269009.
- ↑ Selin, Helaine (2013). Encyclopaedia of the History of Science, Technology, and Medicine in Non-Westen Cultures. Springer Science & Business Media. p. 282. ISBN 9789401714167.
- ↑ Borschel-Dan, Amanda (16 December 2019). "Factory for Romans' favorite funky fish sauce discovered near Ashkelon". The Times of Israel.
- ↑ Hill, Donald (2013). A History of Engineering in Classical and Medieval Times. Routledge. pp. 163–166. ISBN 9781317761570.
- ↑ Marglin, Stephen A. (Jul 1, 1974). "What Do Bosses Do?: The Origins and Functions of Hierarchy in Capitalist Production". Review of Radical Political Economics 6 (60): 60–112. doi:. https://scholar.harvard.edu/files/marglin/files/review_of_radical_political_economics-1974-marglin-60-112_0.pdf.