ڪارا ھيرو
ڏيک
ڪارا هيرو يا ڪلونجي (عربي: حب السودا، فارسي: شونيز، هندستاني: سياه دانا) هڪ مشھور ٻج آهي جيڪو پنھنجي طبي فائدن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آهي.[1]
سڃاڻپ
[سنواريو]ڪارا هيرو ڏسڻ ۾ بصر جي ٻج وانگر ڪاري رنگ جا هوندا آهن. هنن جو ذائقو معمولي ڪڙو ٿيندو آهي ۽ هي خوشبوءِ وارا هوندا آهن.
طبي فائدا
[سنواريو]طبي لحاظ کان هن ٻج جا ڪيترائي فائدا آهن، جيڪي قديم زماني کان وٺي حڪيمن جي زير استعمال رهيا آهن:
- نظامِ اخراج: هن کي ڪاڙهي پيارڻ سان حيض ۽ پيشاب جاري ٿئي ٿو.
- ساھ جون بيماريون: هي بلغمي کنگهه، سيني جي تڪليف ۽ پاسي جي سور لاءِ انتهائي مفيد آهي.
- اندروني بيماريون: جلندر، قولنج، پرميل، ۽ مثاني جي ڦٽ ۾ فائدو پهچائي ٿو.
- درد جو علاج: مهارن ۽ ڏندن جي سور توڙي اکين جي بيمارين لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.
- باديءَ جو علاج: هي جسم مان وائي باديءَ کي تحليل ڪري ختم ڪري ٿو.
- کل جون بيماريون: ڪوڙه ۽ چٽيءَ جي داغن تي لائڻ سان فائدو ٿئي ٿو.
تنبيھ: طب جي ماهرن موجب هي حمل ڪيرائڻ جي خاصيت پڻ رکي ٿو، تنھنڪري حمل جي دوران احتياط ضروري آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.