ڪائينات
هبل الٽرا ڊيپ فيلڊ تصوير ڪجهه تمام پري ڪهڪشائن کي ڏيکاري ٿي، جيڪي موجوده ٽيڪنالاجي ذريعي نظر اچن ٿيون (يعني ڌرتيء جي چنڊ جي قطر جو تقريبن ڏهون حصو)[1] | |
| عمر (ΛCDM model) | 0.020 ± 13.787 ارب سال |
|---|---|
| قطر | نامعلوم مشاهدي واري ڪائنات: 8.8 × (26^10) ميٽر (93 نوري سال)[2] |
| سراسري گھاٽائي (توانائي سان گڏ) | 9.9×10−27 kg/m3[3] |
| سراسري گرميء پد (ڪائناتي مائڪرو ويڪرو پس منظر) | 2.72548 K (−270.4 °C, −454.8 °F)[4] |
| مکيه مواد | عام مادو : 4.9% ڪارو مادو (dark matter) : %26.8 ڪاري توانائي : %68.3 |
| شڪل (shape) | چتي (flat) (0.4% جي فرق سان)[5] |
ڪائنات (لاطيني: Universe)، برهمانڊ يا سرشٽي، مان مراد سموري جڳهه، وقت ۽ انهن ۾ شامل ٻيون شيون، ذيلي ايٽمي ذرڙن کان وٺي ڪهڪشائن جي تارن تائين، انهن ۾ موجود سڀ ئي مادي وجود، جهڙوڪ، ڪهڪشائون، تارا، سج، اپڳرهون، ڌرتي، ٻيا فلڪياتي وجود، چنڊ، شهابيا، ڪو به بنيادي رابطو، طبعي عمل ۽ طبعي مستقل ۽ تنهن ڪري مادي ۽ توانائي جا سڀ ئي روپ، پلازما، جيڪي جوڙجڪ اها ٺاهيندا آهن، شامل آهن.[6]
20هين صدي جي شروعات کان وٺي، ڪائنات جو ميدان "وڏي ڌماڪي" (Big Bang) جي نظريي کي قائم ڪري ٿو، جئين ته خلا ۽ وقت لڳ ڀڳ 14 ارب سال (13.787±0.020 ارب سال) اڳ بگ بينگ تي گڏ ظاهر ٿيا ۽ اهو ته ڪائنات ان ئي وقت کان وڌي رهي آهي. [7] ڪائنات جو حصو (جيڪو انسان ڏسي سگهي ٿو) هن وقت قطر ۾ تقريبن 93 ارب نوري سال آهي، جئين ته ڪائنات جو ڪل سائيز معلوم نه آهي. [8]
ڪشش ثقل جي مادي ۽ روشني ٻنهي تي اثرن جي مطالعي ۾ اهو دريافت ڪيو ويو ته ڪائنات ۾ نظر ايندڙ شين؛ تارن، ڪهڪشائن، نيبولا ۽ انٽر اسٽيلر گئسن، جي ڀيٽ ۾ ڪل مادو تمام گهڻو آهي. هن اڻ ڏٺل مادي کي ڊارڪ ميٽر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
وڏي پيماني تي قبول ٿيل ڪاسمولوجي واري ماڊل (ΛCDM) ۾، ڊارڪ ميٽر ڪائنات ۾ مايو ۽ توانائي جو تقريباً %(1.1±25) آهي، جڏهن ته تقريباً %(±1.2 69.2) ڊارڪ توانائي، توانائي جو هڪ پراسرار روپ جيڪو ڪائنات جي توسيع جي تيزيءَ لاءِ ذميوار آهي.
تنهن ڪري عام مادو (baryonic) ڪائنات جو صرف %4.84 (±0.1) ٺاهي ٿو ۽ تارا، اپگرهن ۽ نظر ايندڙ گئس جا ڪڪر هن عام مادي جو صرف %6 ٺاهين ٿا.
ڪائنات جي آخر منزل ۽ بگ بينگ کان اڳ جي باري ۾ ڪيترائي مقابلي وارا مفروضا آهن، ٻين تي طبيعياتدان ۽ فلسفي قياس ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ شڪ ڪن ٿا ته اڳئين حالتن بابت معلومات ڪڏهن به دستياب هوندي. طبيعيات جا ڪجهه ماهر مختلف گهڻ ڪائناتي (Multiverse) مفروضا تجويز ڪيا آهن، جن ۾ ڪائنات ڪيترن ئي مان هڪ ٿي سگهي ٿي.
قديم يوناني ۽ هندستاني فلسفين پاران ڪائنات جي بابت ڪجهه ابتدائي ڪائناتي ماڊل تيار ڪيا ويا جيڪا ڌرتيء کي ڪائنات جي مرڪز طور رکندا هئا يعني جيو سينٽرڪ (Geo Centric) هئا.[9][10] پوء صدين جي مشاهداتي ترقي سان، نڪولس ڪوپرنيڪس سج کي شمسي نظام جي مرڪز طور رکندي، هيليو سينٽرڪ (Hallio Centric) ماڊل تيار ڪيو. سر آئزڪ نيوٽن جو ڪائناتي ڪشش ثقل جو قانون، جوهانيس ڪيپلر جو سياروي حرڪت جو قانون ۽ ٽائيڪو براهه جا مشاهدن جي بنيادون، ڪوپرنيڪس جي هيليو سينٽرڪ ماڊل تي رکيو ويون.
وڌيڪ مشاهداتي بهتري جي ڪري اهو احساس ٿيو ته سج کيرائن واٽ ڪهڪشان (Milky-way) جي سو ارب تارن مان هڪ آهي ۽ اها ڪهڪشان (Galaxy) پاڻ مشاهداتي ڪائنات ۾ ڪجهه سو ارب ڪهڪشائن مان هڪ آهي. وڏي پيماني تي هڪ ڪهڪشان ۾، ڪيترا ئي تارا ۽ اپگرهن هونديون آهن ۽ ڪهڪشائون هڪجهڙائي سان ورهايل آهن ۽ سڀني طرفن ۾ ساڳيون آهن، مطلب ڪائنات جو نه ڪو ڪنارو آهي ۽ نه ئي مرڪز آهي. ننڍن پيماني تي، ڪهڪشائون تارن جي ننڍي جهنڊ (clusters) ۽ وڏي پيماني واري جهنڊ (super clusters) ۾ ورهايل آهن، جيڪا خلا ۾ تنتن (filaments) ۽ خالي جگهن (voids) جو هڪ وڏي جهاگ جهڙي جوڙجڪ ٺاهيندا آهن.[11] 20هين صدي جي شروعات ۾ ٿيندڙ دريافتون اها ٻڌائڻ ٿيون ته ڪائنات جي هڪ شروعات آهي ۽ اها هن وقت کان مسلسل پکڙجي رهي آهي.[12]
بگ بينگ نظريي مطابق، توانائي ۽ مادو جيڪا شروع کان ئي موجود هئا، ڪائنات جي پکڙڻ تي، گهٽ گهاٽا ٿي ويا. هڪ شروعاتي تيز رفتار توسيع (تقريباً 32-10 سيڪنڊ جي) جن کي افراط (inflation) سڏيو ويندو آهي ۽ چئن ڃاتل سڃاتل بنيادي قوتن جي ڌار ڌار ٿيڻ کان پوءِ، ڪائنات آهستي آهستي ٿڌي ٿي ۽ پکڙڻ جو سلسلو جاري رکيو، جن جي ڪارڻ پهرين ذيلي ايٽمي ذرڙا ۽ سادا ايٽم وجود مان آيا. هائيڊروجن ۽ هيليم جا وڏا ڪڪر (clouds) آهستي آهستي هن جڳهن ڏانهن ڇڪجي ويا، جتان مادي جي گھاٽائي وڌ هئي، جن جي ڪارڻ ڪهڪشائون، تارا ۽ انهن کانسواء هر شي جيڪا نظر اچڻ ٿيون، وجود ۾ آيون.
تعريف
[سنواريو]طبعي ڪائنات کي خلا ۽ وقت (مجموعي طور تي خلائي وقت جي طور تي حوالو ڏنو ويو آهي) ۽ انهن جي جزو جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي.[13] اهڙا مواد ان جي مختلف شڪلن ۾ سڀني توانائي، جنهن مان برقي مقناطيسي تابڪاري ۽ مادو شامل آهن ۽ تنهن ڪري (اپگرهن، چنڊ، تارا، ڪهڪشائون ۽ بين الخلا جو مواد) هن ۾ شامل آهن. [14][15][16] ڪائنات جي تعريف ۾ اها طبعي قانون، جيڪا توانائي ۽ مادي تي اثر انداز ٿين ٿا، جهڙوڪ تحفظ جا قانون (Laws of Conservation)، ڪلاسيڪي ميڪانيات ۽ اضافيت پڻ شامل آهن.[17]
ڪائنات کي اڪثر ڪري "وجود جي مجموعي" طور بيان ڪيو ويندو آهي يعني هر شيءِ جيڪا موجود هيون، جيڪا موجود آهن ۽ موجود هونديون. [18] [19] درحقيقت، ڪجهه فلسفي ۽ سائنسدان ڪائنات جي تعريف ۾ خيالن ۽ تجريدي تصورن، جهڙوڪ رياضيات ۽ منطق) کي شامل ڪرڻ جي حمايت ڪن ٿا.[20] لفظ ڪائنات (Universe) کي ڪاسموس (Cosmos)، عالم (World) ۽ فطرت (nature) جهڙن تصورن جو حوالو پڻ ڏئي سگهي ٿو.[21][22]
اشتقاق
[سنواريو]انگريزي ۾ ڪائنات لاء لفظ، "Universe" فرانسيسي جي لفظ، "univers" مان آيو، جيڪا پاڻ لاطيني لفظ "universus" مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ "هڪ ۾ گڏ ٿيل" آهي.[23] لاطيني لفظ، "universum" جو استعمال مشهور فلسفي، سسيرو (Cicero) ۽ پوء لاطيني ليکڪن هن کي ڪيترن ئي ساڳئي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو جيئن جديد انگريزي ۾ اها لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.[24]
هم معني
[سنواريو]فيثاگورس کان وٺي قديم يوناني فلسفين تائين، ڪائنات لاءِ اصطلاحون، "ٽاو پان" (τὸ πᾶν)، جن کي سڀ مادي ۽ سڀ خلا طور بيان ڪيو ويو ۽ "ٽاو هولون" (τὸ ὅλον) سب شيون جن ۾ ضروري طور تي خلا جو تصور شامل نه هو، استعمال ٿيون.[25] [26] ٻئي هم معني "هو ڪوسموس" (ὁ κόσμος) هئي، جن کي هڪ فلسفياتي اصطلاح طور تي "عالم وجود" جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو.[27] لاطيني جي لکڻين ۾ "ٽوٽيم"، "منڊس" ۽ "نيچرا" جا لفظ پڻ هم معنيٰ طور ملن ٿا [28] ۽ جديد ٻولين ۾ اڃان به زنده آهن، مثال طور، ڪائنات لاءِ جرمن لفظ "ڊاس آل"، "ويلٽال" ۽ "نيچر". انگريزي ۾ به ساڳيا مترادف لفظ ملن ٿا، جهڙوڪ، "هر شيءِ" (Everything)، جيئن هر شيءِ جي نظريي ۾، ڪاسموس (جيئن ڪاسمولوجي ۾)، عالم (World)، جيئن ڪيترن ئي عالم جي تشريح ۾ ۽ فطرت (Nature) جيئن فطري قانون يا فطري فلسفي ۾.[29]
تاريخ وار ترتيب ۽ بگ بينگ
[سنواريو]طبعي خاصيتون
[سنواريو]ڪائنات جو ٺهڻ
[سنواريو]رهائش جي صلاحيت
[سنواريو]ڪاسمولوجي وارو ماڊل
[سنواريو]تاريخي تصورات
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- NASA/IPAC Extragalactic Database (NED) / (NED-Distances).
- There are about 1082 atoms in the observable universe – LiveScience, July 2021.
- This is why we will never know everything about our universe – Forbes, May 2019.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Hubble sees galaxies galore", spacetelescope.org, اصل کان 4 مئي 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 اپريل 2017۔
- ↑ Bars, Itzhak; Terning, John (2009). Extra Dimensions in Space and Time. Springer. pp. 27–. ISBN 978-0-387-77637-8. https://books.google.com/books?id=fFSMatekilIC&pg=PA27. Retrieved May 1, 2011.
- ↑ NASA/WMAP Science Team (24 جنوري 2014), "Universe 101: What is the Universe Made Of?", NASA, اصل کان 10 مارچ 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 فيبروري 2015۔
- ↑ Fixsen, D.J. (2009). "The Temperature of the Cosmic Microwave Background". The Astrophysical Journal 707 (2): 916–920. doi:. ISSN 0004-637X. Bibcode: 2009ApJ...707..916F.
- ↑ NASA/WMAP Science Team (24 جنوري 2014), "Universe 101: Will the Universe expand forever?", NASA, اصل کان 9 مارچ 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 16 اپريل 2015۔
- ↑ Zeilik, Michael; Gregory, Stephen A. (1998). Introductory Astronomy & Astrophysics (4th ed.). Saunders College. ISBN 978-0-03-006228-5. "The totality of all space and time; all that is, has been, and will be."
- ↑ Planck Collaboration; Aghanim, N.; Akrami, Y.; Ashdown, M.; Aumont, J.; Baccigalupi, C.; Ballardini, M.; Banday, A. J. et al. (September 2020). "Planck 2018 results: VI. Cosmological parameters". Astronomy & Astrophysics 641: A6. doi:. ISSN 0004-6361. Bibcode: 2020A&A...641A...6P.
- ↑ Greene, Brian (2011). The Hidden Reality. Alfred A. Knopf.
- ↑ Dold-Samplonius, Yvonne (2002). From China to Paris: 2000 Years Transmission of Mathematical Ideas. Franz Steiner Verlag.
- ↑ Glick, Thomas F.; Livesey, Steven; Wallis, Faith (2005). Medieval Science Technology and Medicine: An Encyclopedia. Routledge. ISBN 978-0-415-96930-7.
- ↑ Carroll, Bradley W.; Ostlie, Dale A. (2013). An Introduction to Modern Astrophysics (International ed.). Pearson. pp. 1173–1174. ISBN 978-1-292-02293-2. https://books.google.com/books?id=RLwangEACAAJ. Retrieved May 16, 2018.
- ↑ Hawking, Stephen (1988). A Brief History of Time. Bantam. p. 43. ISBN 978-0-553-05340-1. https://archive.org/details/briefhistoryofti00step_1.
- ↑ Zeilik, Michael; Gregory, Stephen A. (1998). Introductory Astronomy & Astrophysics (4th ed.). Saunders College. ISBN 978-0-03-006228-5. "The totality of all space and time; all that is, has been, and will be."
- ↑ "Universe", Encyclopaedia Britannica online, 2012, اصل کان 9 جون 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 فيبروري 2018۔
- ↑ "Universe", Merriam-Webster Dictionary, اصل کان 22 آڪٽوبر 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 21 سيپٽمبر 2012۔
- ↑ "Universe", Dictionary.com, اصل کان 23 آڪٽوبر 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 21 سيپٽمبر 2012۔
- ↑ Schreuder, Duco A. (2014). Vision and Visual Perception. Archway Publishing. p. 135. ISBN 978-1-4808-1294-9. https://books.google.com/books?id=I7a7BQAAQBAJ&pg=PA135. Retrieved January 27, 2016.
- ↑ Schreuder, Duco A. (2014). Vision and Visual Perception. Archway Publishing. p. 135. ISBN 978-1-4808-1294-9. https://books.google.com/books?id=I7a7BQAAQBAJ&pg=PA135. Retrieved January 27, 2016.
- ↑ Ferris, Timothy (1997). The Whole Shebang: A State-of-the-Universe(s) Report. Simon & Schuster. p. 400.
- ↑ Holt, Jim (2012). Why Does the World Exist?. Liveright Publishing. p. 308.
- ↑ Copan, Paul; William Lane Craig (2004). Creation Out of Nothing: A Biblical, Philosophical, and Scientific Exploration. Baker Academic. p. 220. ISBN 978-0-8010-2733-8. https://archive.org/details/creationoutofnot0000copa/page/220.
- ↑ Bolonkin, Alexander (2011). Universe, Human Immortality and Future Human Evaluation. Elsevier. pp. 3–. ISBN 978-0-12-415801-6. https://books.google.com/books?id=TuWQx58ZnPsC&pg=PA3. Retrieved January 27, 2016.
- ↑ The Compact Edition of the Oxford English Dictionary, volume II, Oxford: Oxford University Press, 1971, p. 3518. سانچو:Isbn.
- ↑ Lewis, C.T. and Short, S (1879) A Latin Dictionary, Oxford University Press, ISBN 0-19-864201-6, pp. 1933, 1977–1978.
- ↑ Liddell; Scott, "A Greek-English Lexicon", lsj.gr, اصل کان 6 نومبر 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 جولاءِ 2022, "πᾶς"
- ↑ Liddell; Scott, "A Greek-English Lexicon", lsj.gr, اصل کان 6 نومبر 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 جولاءِ 2022, "ὅλος"
- ↑ Liddell; Scott, "A Greek–English Lexicon", lsj.gr, اصل کان 6 نومبر 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 جولاءِ 2022, "κόσμος"
- ↑ Lewis, C.T.; Short, S (1966). A Latin Dictionary. Clarendon Press (originally published by Oxford University Press). pp. 1175, 1189–1190, 1881–1882. ISBN 978-0-19-864201-5. https://archive.org/details/latindictionaryf00lewi.
- ↑ The Compact Edition of the Oxford English Dictionary. II. Oxford: Oxford University Press. 1971. pp. 569, 909, 1900, 3821–3822. ISBN 978-0-19-861117-2. https://archive.org/details/compacteditionof03robe/page/569.