مواد ڏانھن هلو

ڪوئينزلينڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪئينزلينڊ کان چوريل)
ڪوينزلينڊ
Queensland
Flag of ڪوينزلينڊQueenslandCoat of arms of ڪوينزلينڊQueensland
Nickname: 
اُسَ واري رياست
Motto: 
بھادر ۽ وفادار
آسٽريليا ۾ ڪوينزلينڊ رياست
آسٽريليا ۾ ڪوينزلينڊ رياست
Coordinates: 23°S 143°E / 23°S 143°E / -23; 143
ملڪ آسٽريليا
علائقواولھه آسٽريليا
ڪرائون ڪالوني6 جون 1859 (1859-06-06)
وفاق ۾ شامل رياست جو درجو1 جنوري 1901 (1901-01-01)
گاديءَ جو هنڌبرسبين
سڀ کان وڏو شھربرزبين
ڪائونٽيونڪل 319 ضلعا
Government
  Typeآئيني بادشاهت
  Bodyڪوينزلينڊ جي حڪومت
  گورنرپائول ڊي جرسي
  پريميئرليبر پارٽي
مقننه
  • ھڪ ايواني
قانونساز اسيمبلي (93سيٽون)
عدليه
وفاق ۾ نمائندگي
Area
  Total
1,727,000 km2 ([convert: unknown unit])
  Land1,730,620 km2 ([convert: unknown unit])
  Water121,991 km2 ([convert: unknown unit])
  Rank2nd
Highest elevation1,622 m[convert: bug, ask for help]
Population
 (March 2020)[1]
  Total
5,160,023
  Rank3rd
  Density2.98160/km2 (7.72232/sq mi)
   Rank5th
Demonymڪئينسلينڊر
Time zoneUTC+10 (آسٽريليا ۾ ٽائيم)
پوسٽل ڪوڊ
QLD
ISO 3166 codeAU-QLD
جي ايس پي جو سال2018–19
جي ايس پي (ڪروڙ آسٽريلين $)$35704.4[2] (3rd)
جي ايس پي في ڪس$70,662 (5th)
Websitewww.qld.gov.au
of ؟
علامتون
رياستي گيت{{{hymn}}}
پکيBrolga (Grus rubicunda)
مڇيBarrier Reef anemonefish
(Amphiprion akindynos)
جيت{{{butterfly}}}
گلCooktown orchid
(Dendrobium phalaenopsis)[3]
کاڌو{{{dish}}}
مٺو کاڌو{{{confectionery}}}
ڍنڍ{{{lake}}}
معدني مادوSapphire
راند{{{game}}}
پوشاڪ{{{dress}}}
رنگMaroon

ڪوينزلينڊ [4](انگريزي: Queensland) جنھن جو سرڪاري نالو اسٽيٽ آف ڪوينزلينڊ آهي، آسٽريليا جي اتر اوڀر ۾ واقع آسٽريليا جي پکيڙ ۾ ٻئي نمبر ۽ آبادي ۾ ٽئي نمبر وڏي رياست آھي. اھا پارلياماني نظام واري فيڊريٽيڊ رياست آھي جيڪا آئيني بادشاهت جي ھيٺ آھي. ان جي اولھه ۾ نادرن ٽيريٽري، ڏکڻ اولھه ۾ ڏکڻ آسٽريليا، ڏکڻ ۾ نيو سائوٿ ويلز ۽ اوڀر ۾ پئسيفڪ سمنڊ جو ڪورل سمنڊ واقع آهي. ان جي اتر ۾ ٽوريس سامونڊي لنگھه آسٽريليا جي ڌرتي کي پاپوا نيو گني کان ڌار ڪري ٿو.ھن رياست جي پکيڙ 18,52,642 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي 51 لک آھي،[5] جن جو مرڪز رياست جو ڏکڻ اوڀر وارو پاسو آھي. رياست جي گادي جو هنڌ برسبين آهي، جيڪو آسٽريليا جي سون جي ذخيرن سان ڀرپور زمين تي واقع آهي.

تمام وڏي ايراضي جي ڪارڻ هن جون جاگرافي جي لحاظ کان گھڻي وصفون آھن، جنهن ۾ جبل، ٻيلا، نديون، ريگستان وغيره شامل آهن. رياست جي آبادي گهڻ-نسلي آهي.[6][7] ڪوئينزلينڊ جا اصل رھاڪو ابارجينل آسٽريلين ۽ ٽوريس ٻيٽ جا رھاڪو ھئا.ا[8][9] ڊچ جھازران وليم جانس پھريون يورپي ھو، جنھن 1606ع ۾ آسٽريليائي سرزمين تي قدم رکيو ۽ ڪيپ يارڪ جزيري نما جي کوجنا ڪئي. 1770ع ۾ ڪئپٽن، جيمز ڪڪ آسٽريليا جي اوڀرندي ساحلي علائقي تي پھتي ان تي برطانيا جي لاء دعويدار ٿيو. 1787ع ۾ آرٿر فلپ اتي نيو سائوٿ ويلز ڪالوني جو بنياد وڌو. ڪوينزلينڊ جي بعد ۾ پوئين ڏھاڪن ۾ کوجنا ڪئي وئي ۽ پوء جان آڪسلي مارٽن بي پينل سيٽلمينٽ برسبين واري جاء تي 1824ع ۾ قائم ڪري اتي آبادي جو آغاز ڪيو ويو. ھن رياست کي 6 جون 1859ع ۾ نيو سائوٿ ويلز رياست مان ڌار ڪري، برطانوي راڻي وڪٽوريا سان منصوب ڪندي ڪوينزلينڊ يا راڻي جي سرزمين سڏي نئين رياست جو درجو ڏنو، جنھن ڪري ان ڏينهن کي ھر سال ملھايو ويندو آهي.[10] ڪوينزلينڊ آسٽريليا جي انھن شروعاتي ڇھه ڪالونين مان ھڪ آھي، جنهن ذريعي پھرين جنوري، 1901ع ۾ آسٽريليا جي وفاق جو بنياد پيو.

ڪئينزلينڊ جون ڊويژنون

C

سياسي نظام

[سنواريو]
ڪئينزلينڊ جو پارليامينٽ هائوس

|

ڪئينزلينڊ جو گورنر ھائوس
ڪئينزلينڊ جي سپريم ڪورٽ جو برزبين ۾ صدر مقام

پھرين جنوري 1901ع ۾ آئيني بادشاهت ھيٺ وفاقي پارليماني نظام جي قيام بعد ھن رياست جو پنھنجو حڪومتي نظام ھڪ علحده آئين جي ذريعي عمل ۾ آيو جنھن کي ڪئينسلينڊ جق آئين سڏين ٿا جنھن جون بنيادي شقون رياست جي پارليامينٽ، عوامي ريفرنڊم کانسواءِ، تبديل نه ٿي ڪري سگھي. بنيادي انساني حقن لاء ھتي ڪئينسلينڊ ھيومن رائيٽس ايڪٽ 2019 پڻ لاڳو ٿيل آھي. ھن رياست جو حڪومتي نظام ويسٽ منسٽر نظام طرز تي جڙيل آهي. رياست جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو ڪئينزلينڊ جي ليجسليٽو اسيمبلي آهي. رياست جو سربراھ گورنر آھي جيڪو شاھي سربراھ جو نمائندو ھوندو آھي. رياست جي حڪومتي سربراھ کي پريميئر سڏيندا آهن. حڪومت جي گادي برزبين شھر ۾ آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. 24 September 2020. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  2. "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. 15 November 2019. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 20 April 2020 تي محفوظ ڪيل. 20 November 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. "Floral Emblem of Queensland". Australian National Botanic Gardens. اصل نسخو مان 8 March 2012 تي محفوظ ڪيل. 23 January 2013 تي حاصل ڪيل.
  4. Wells, John C. (2008), Longman Pronunciation Dictionary (3rd ڇاپو), Longman, ISBN 9781405881180
  5. "Archived copy". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 13 April 2020 تي محفوظ ڪيل. 28 May 2020 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو)
  6. "Archived copy". Australian Bureau of Statistics. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 22 June 2019 تي محفوظ ڪيل. 28 May 2020 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو)
  7. "2016 Census of Population and Housing: General Community Profile" (ZIP). Australian Bureau of Statistics. 31 May 2020 تي حاصل ڪيل.
  8. "How Old is Australia's Rock Art?". Aboriginal Art Online. اصل نسخو مان 4 May 2013 تي محفوظ ڪيل. 15 May 2013 تي حاصل ڪيل.
  9. Dortch, C.E.; Hesp, P.A. (1994). "Rottnest Island artifacts and palaeosols in the context of Greater Swan Region prehistory". Journal of the Royal Society of Western Australia 77: 23–32.
  10. "Pomona – Quinalow". Place Names of South East Queensland. اصل نسخو مان 13 October 2007 تي محفوظ ڪيل. 13 October 2007 تي حاصل ڪيل.