مواد ڏانھن هلو

کپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کِپ(انگريزي: Khip plant) ٿر جو ھڪ عام ٻوٽو آهي. نهايت ڪمائتي شئي آهي، جو ان مان نوڙيون ۽ رسا وٽي سگهجن ٿا. کپ جا ٻنڌن عام طرح ڪارائتا آهن.[1]هي ٻوٽو نرم زمين ۾ ٿيندو آهي، ڏهرن جي سخت زمين ۾ بنهه ڪونه اُڀري. هن جو تڙيڪو ڪونه ٿئي. پر هڪ هنڌان سنهين شاخن جو مُچو نڪرندو آهي، جي ڪجهه ٿلهيون ٿينديون وينديون آهن ۽ پاڻ مان سنهيون شاخون ڪڍنديون آهن، جي ٽي-چار فوٽ يا وڌيڪ ڊگهيون ٿينديون آهن. انهن ۾ ٽي – چار انچ ڊگهيون ڦريون ٿينديون آهن. اُٺ ۽ ٻڪريون هن ٻُوٽي کي چاهه سان کائينديون آهن. کپ گهڻو ڪري ڪنهن ٻئي وڻ يعني ٻُوهه، کٻڙ، ڦوڳ، ٻير يا مُرٽ سان گڏ اُڀرندو آهي، بعضي علحيده به اُڀري[2]. گهڻا کپ وڍي، سَٿو ڪري، بار جو ڏَپَ ڏيئي، سڪڻ بعد چونرن، ڪُڙهن ۽ ڇَنن جي مٿان ڇاڄو ڏيندا آهن. چونئرن لاءِ ڪپ جو ڇاپو بلڪل سٺو آهي، ڇو جو برسات جي ڪري پاڻي مٿان وهي ويندو ۽ چونرو چوئندو ڪونه يعني پاڻي اندر ٽِمي ڪونه ايندو. آلو ڪپ وڍي ان جون نوڙيون وٽيندا آهن جن ڪکاين جاين ۾ ڪايا، کونٽا، ۽ مَلَ ٻڌڻ ۽ ڇتين تي گاهه وجهڻ بعد مٿان وراڪا ڏيڻ لاءِ ڪم اينديون آهن، انڪري گاهه قابو پيو هوندو آهي نه ته جيڪر هوا جي ڪري اُڏامي وڃي. آلو کپ نه ملي ته سُڪل کي پُسائي ان جون به نوڙيون وٽيندا آهن. نوڙيون آليون توڙي سڪل ڪم آڻبيون آهن. سُڪل نوڙين کي پُسائي، واريءَ ۾ ٿورو پوري، مٿان پاڻيءَ سان آلو ڪري ڇڏبو ته اڌ ڪلاڪ بعد نرم ٿي پونديون، پوءِ ڪم آڻبيون آهن. ٿر جا ماڻهو وسڪاري جو يا جڏهين وجهه لڳين تڏهين نوڙيون وٽيندا گڏ ڪندا ويندا آهن. جي ضرورت وقت ڪم آڻين.[2]. غريب ماڻهو کِپ جون سنهيون نوڙيون وٽي ان سان کٽولا واڻيندا آهن، جي ڪافي وقت جٽاءُ ڪنديون آهن. ان ڪري پئسي جي خرچ جو به بچاءُ آهي. کپ جو هڪ ٻيو قسم ٿيندو آهي، جنهن جون تندون ٿلهيون ٿينديون آهن ۽ انهن ۾ کير ٿيندو آهي، جنهنڪري اُن کي ”کِيرَ کِپَ“ چوندا آهن. هي وقتي ڪن بيمارين ۾ به ڪم ايندو آهي ۽ اهو بلڪل ٿورو، ڪٿي ڪٿي ٿيندو آهي، عام نه آهي.[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. 1 2 3 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو