کُڙٻِي نئن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کُڙٻي نئن انگريزي (Khurbi Nai)سالاري ۽ مکي نئيُن جي وچ ۾ واقع وھڪري جي لحاظ کان مذڪورہ نئيُن کان ٽيون نمبر وڏي نئين آھي، کُڙٻي جو شمار به کيرٿر مان نڪرندڙ نئين ۾ ٿئي ٿو[1].

ڪاڇي جي خشڪ صحرا کي ڪشمير بنائيدڙ باراني بَر جي آبياري جي اميدگاہ نئيُن ۾ نالو ڳڻائيندڙ کُڙٻي تعلقي خيرپورناٿن شاه ضلعي دادو جي حدن ۾ موجود آهي.

ديھ کُڙٻي جي باراني زمين جي آبادي جو انحصار کُڙٻي نئين جي موسمي مينهَن جي وھڪري تي بہ آهي، ڪاري جبل مان نڪرندڙ نئيُن جو تقريباً ڇوڙ ايف پي بند ۾ ئي منزل انداز ھوندو آھي، بعد ازان پاڻي جو وهڪرو منڇر ۾ مخرج ڪري ٿو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "ONLINEINDUS News - Today Sindhi News , Latest Sindhi News". onlineindus.com. حاصل ڪيل 2019-06-25. 
  2. "سنڌ جون نئيون : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-08.