مواد ڏانھن هلو

کيوڙه لوڻ جي کاڻ

کيوڙه لوڻ جي کاڻ
Khewra Salt Mine

کهيو
لوڻ جي کاڻ
کيوڙه لوڻ جي کاڻ جي سرنگ (ڪرسٽل ويلي)
کيوڙه لوڻ جي کاڻ جي سرنگ (ڪرسٽل ويلي)
جاگرافيائي بيهڪ 32°38′52.58″N 73°00′30.22″E / 32.6479389°N 73.0083944°E / 32.6479389; 73.0083944
ملڪ  پاڪستان
صوبو  پنجاب، پاڪستان
ضلعو جهلم ضلعو
جڳهه کيوڙه
شروعاتي سال 1872ع
فعال 150 سال
پيداوار جو نالو معدني لوڻ، لاهوري لوڻ، گلابي لوڻ، هماليائي لوڻ
سالياني پيداوار 350,000 ميٽرڪ ٽن
مالياتي سال 2019–20
ملڪيت پاڪستان معدني ترقي جي ڪارپوريشن
ويب سائيٽ www.pmdc.gov.pk/mines

کيوڙه لوڻ جي کاڻ (Khewra Salt Mine؛ اردو: کھیوڑہ نمک کان)، ميئو لوڻ جي کاڻ پڻ چيو وڃي ٿو، دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي معدني لوڻ جي کاڻ آهي. هي دنيا جي ٻي وڏي لوڻ جي کاڻ آهي. پاڪستان جي صوبي، پنجاب جي ضلعي، جهلم جي علائقي کيوڙه ۾ واقع آهي. [1] هي کاڻ پوٺوهار پليٽو جي لوڻ واري حد (Salt Range) ۾ آهي. جيڪا پنجاب جي سنڌوءَ جي ميدان مان نڪرندي آهي.[2][3]

هي کاڻ گلابي کيوڙه لوڻ جي پيداوار لاءِ مشهور آهي (اڪثر ڪري هماليائي لوڻ جي طور تي مارڪيٽ ڪئي ويندي آهي). ۽ اهو هڪ وڏو سياحتي ڪشش جو ماڳ آهي، جيڪا هر سال 250,000 سياحن کي راغب ڪري ٿو. [4][5]

ان جي تاريخ 326 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم جي فوجن پاران ان جي دريافت سان تعلق رکي ٿي. پر ان مغل دور ۾ واپار شروع ڪيو.[6] زميني سطح تي مکيه سرنگ 1872ع ۾ برطانوي راڄ دوران، هڪ مائننگ انجنيئر، ايڇ. وارٿ پاران تيار ڪئي وئي هئي.[7] آزادي کان پوءِ، برطانوي معدني وسيلن (BMR) سال 1956ع تائين قبضو رکيو ۽ پوءِ پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (PIDC) سال 1965ع تائين کاڻ جي مالڪي ڪئي. سال 1965ع ۾ هندستان-پاڪستان جنگ کان پوءِ، ويسٽ پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (WPIDC) لوڻ جي کاڻ جو انتظام سنڀاليو ۽ سال 1974ع ۾، پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن هن کان کي سنڀاليو، جيڪا اڃا تائين ملڪ ۾ لوڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. کاڻ هر سال 3,50,000 ٽن کان وڌيڪ معدنيات لوڻ (تقريبن %99 خالص هالائيٽ) پيدا ڪري ٿي.[8] هن کاڻ ۾ لوڻ جي ذخيرن جو اندازو 82 ملين ٽن کان 600 ملين ٽن تائين مختلف آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. O.H.K. Spate; Andrew T.A. Learmonth; B.H. Farmer (13 July 1972). India, Pakistan and Ceylon: The Regions. Methuen Publishing Ltd. p. 502. ISBN 978-0-416-75530-5. https://books.google.com/books?id=ItkOAAAAQAAJ&pg=PA502. Retrieved 3 April 2012.
  2. Stanley J. Lefond (1 January 1969). Handbook of World Salt Resources (1st ed.). Springer. p. 347. ISBN 978-0-306-30315-9. https://books.google.com/books?id=Db87AAAAMAAJ&q=Khewra+Salt+Mines. Retrieved 3 April 2012.
  3. Masud ul Hasan (1975). Short encyclopaedia of Pakistan (1st ed.). Ferozsons. p. 118. https://books.google.com/books?id=JAoMAAAAIAAJ&q=khewra. Retrieved 8 April 2012.
  4. Camerapix (July 1998). Spectrum Guide to Pakistan. Interlink Books. p. 150. ISBN 978-1-56656-240-9. https://books.google.com/books?id=ZlwOAQAAMAAJ&q=khewra+largest+salt+producer+in+world. Retrieved 8 April 2012.
  5. Masud ul Hasan (1975). Short encyclopaedia of Pakistan (1st ed.). Ferozsons. p. 118. https://books.google.com/books?id=JAoMAAAAIAAJ&q=khewra. Retrieved 8 April 2012.
  6. Sarina Singh; Lindsay Brown; Lindsay Brown; Rodney Cocks; John Mock (1 May 2008). Lonely Planet Pakistan and the Karakoram Highway (7th ed.). Lonely Planet. p. 138. ISBN 978-1-74104-542-0. https://books.google.com/books?id=zn8I4qEew9oC&pg=PA138. Retrieved 3 April 2012.
  7. Weller, J. Marvyn (1928). "The Cenozoic History of the Northwest Punjab". The Journal of Geology (Chicago Journals) 36 (4): 362–375. doi:10.1086/623522.
  8. Pennington, Matthew (25 January 2005). "Pakistan salt mined old-fashioned way mine". The Seattle Times. http://seattletimes.nwsource.com/html/nationworld/2002159747_saltmine25.html.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:PunjabGeography سانچو:Salt topics