کيوڙه لوڻ جي کاڻ
کيوڙه لوڻ جي کاڻ Khewra Salt Mine کهيو | |
|---|---|
لوڻ جي کاڻ | |
کيوڙه لوڻ جي کاڻ جي سرنگ (ڪرسٽل ويلي) | |
| جاگرافيائي بيهڪ | 32°38′52.58″N 73°00′30.22″E / 32.6479389°N 73.0083944°E |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ضلعو | جهلم ضلعو |
| جڳهه | کيوڙه |
| شروعاتي سال | 1872ع |
| فعال | 150 سال |
| پيداوار جو نالو | معدني لوڻ، لاهوري لوڻ، گلابي لوڻ، هماليائي لوڻ |
| سالياني پيداوار | 350,000 ميٽرڪ ٽن |
| مالياتي سال | 2019–20 |
| ملڪيت | پاڪستان معدني ترقي جي ڪارپوريشن |
| ويب سائيٽ | www |
کيوڙه لوڻ جي کاڻ (Khewra Salt Mine؛ اردو: کھیوڑہ نمک کان)، ميئو لوڻ جي کاڻ پڻ چيو وڃي ٿو، دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي معدني لوڻ جي کاڻ آهي. هي دنيا جي ٻي وڏي لوڻ جي کاڻ آهي. پاڪستان جي صوبي، پنجاب جي ضلعي، جهلم جي علائقي کيوڙه ۾ واقع آهي. [1] هي کاڻ پوٺوهار پليٽو جي لوڻ واري حد (Salt Range) ۾ آهي. جيڪا پنجاب جي سنڌوءَ جي ميدان مان نڪرندي آهي.[2][3]
هي کاڻ گلابي کيوڙه لوڻ جي پيداوار لاءِ مشهور آهي (اڪثر ڪري هماليائي لوڻ جي طور تي مارڪيٽ ڪئي ويندي آهي). ۽ اهو هڪ وڏو سياحتي ڪشش جو ماڳ آهي، جيڪا هر سال 250,000 سياحن کي راغب ڪري ٿو. [4][5]
ان جي تاريخ 326 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم جي فوجن پاران ان جي دريافت سان تعلق رکي ٿي. پر ان مغل دور ۾ واپار شروع ڪيو.[6] زميني سطح تي مکيه سرنگ 1872ع ۾ برطانوي راڄ دوران، هڪ مائننگ انجنيئر، ايڇ. وارٿ پاران تيار ڪئي وئي هئي.[7] آزادي کان پوءِ، برطانوي معدني وسيلن (BMR) سال 1956ع تائين قبضو رکيو ۽ پوءِ پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (PIDC) سال 1965ع تائين کاڻ جي مالڪي ڪئي. سال 1965ع ۾ هندستان-پاڪستان جنگ کان پوءِ، ويسٽ پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (WPIDC) لوڻ جي کاڻ جو انتظام سنڀاليو ۽ سال 1974ع ۾، پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن هن کان کي سنڀاليو، جيڪا اڃا تائين ملڪ ۾ لوڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. کاڻ هر سال 3,50,000 ٽن کان وڌيڪ معدنيات لوڻ (تقريبن %99 خالص هالائيٽ) پيدا ڪري ٿي.[8] هن کاڻ ۾ لوڻ جي ذخيرن جو اندازو 82 ملين ٽن کان 600 ملين ٽن تائين مختلف آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ O.H.K. Spate; Andrew T.A. Learmonth; B.H. Farmer (13 July 1972). India, Pakistan and Ceylon: The Regions. Methuen Publishing Ltd. ص. 502. ISBN 978-0-416-75530-5. 3 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Stanley J. Lefond (1 January 1969). Handbook of World Salt Resources (1st ڇاپو). Springer. ص. 347. ISBN 978-0-306-30315-9. 3 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Masud ul Hasan (1975). Short encyclopaedia of Pakistan (1st ڇاپو). Ferozsons. ص. 118. ASIN B007EU8QHS. 8 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Camerapix (July 1998). Spectrum Guide to Pakistan. Interlink Books. ص. 150. ISBN 978-1-56656-240-9. 8 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Masud ul Hasan (1975). Short encyclopaedia of Pakistan (1st ڇاپو). Ferozsons. ص. 118. ASIN B007EU8QHS. 8 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Sarina Singh; Lindsay Brown; Lindsay Brown; Rodney Cocks; John Mock (1 May 2008). Lonely Planet Pakistan and the Karakoram Highway (7th ڇاپو). Lonely Planet. ص. 138. ISBN 978-1-74104-542-0. 3 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Weller, J. Marvyn (1928). "The Cenozoic History of the Northwest Punjab". The Journal of Geology (Chicago Journals) 36 (4): 362–375. doi:.
- ↑ Pennington, Matthew (25 January 2005). "Pakistan salt mined old-fashioned way mine". The Seattle Times. اصل نسخو مان 25 July 2012 تي محفوظ ڪيل. 8 April 2012 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Khewra Salt Mines. |
- Mines – Pakistan Mineral Development Corporation
- Khewra Salt Mines Archived from the original on 19 June 2022. – Pakistan Mineral Development Corporation
- The Salt Range and Khewra Salt Mine – under UNESCO Tentative List for World Heritage Sites
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- بهترين مضمون
- EngvarB from January 2019
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- جهلم ضلعو
- سالٽ ميوزيم
- پاڪستان جي معدنيات
- پاڪستان جا قدرتي وسيلا
- پاڪستان ۾ لوڻ جون کاڻون
- پاڪستان جي کاڻ ڪني جون ڪمپنيون
- جهلم ضلعي ۾ سياحتي ڪشش جا ماڳ
- پنجاب، پاڪستان ۾ سياحتي ڪشش جا ماڳ