مواد ڏانھن هلو

کانڀاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کانڀاڻي(انگريزي: A sling) سُٽ مان ٺهيل ھڪ شئي جو نالو آهي جنھن ذريعي ھاري پکين کي فصل تان ڀڄائيندا آھن يا جهار هڪلڻ لاءِ ڪم ايندي آهي[1] ٿر ۾ وسڪاري جو جهار هڪلڻ لاءِ هاري ماڻهو کانڀاڻي ٺاهيندا آهن، جنهن کي ٿري ”گوڦَڻَ“ چون، جا چمڙي مان يا اڪَواري يا سُٽ جي ڌاڳن مان ڳُتي ٺاهيندا آهن. ٻنهي ڇيڙن ۾ ٻانهن جيڏيون رسيون وجهندا آهن. هڪ پاسي رسيءَ جا ڇيڙا وراڪو ڏيئي اهڙيءَ طرح ٺاهيندا آهن، جيئن هٿ جي ٻن آڱرين ۾ قابو ٿين. رَسيءَ جو فوٽ کن ڊگهو ٻيو پاسو، سڌو ڇڏي ڏيندا آهن، جيئن ڌڪ هڻڻ مهل هٿ جي اڱرين مان کسڪي نڪري سگهي. کانڀاڻي هٿ ۾ جهلي، ڳوڙهو وجهي، پُٺن تي چاڙهي اهڙو ته زور سان هڻندا آهن، جو ڳوڙهو زوُڪاٽ ڪندو پيو ويندو. ڌڪ به اهڙو زور سان لڳندو، جو پکيءَ کي لڳو ته اُٽ ماري وجهندو ۽ ٺڪاءُ تي اوسي پاسي وارا پکي به اڏامي ويندا، انهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي.[2]. کانڀاڻي هڻڻ جا ٻه نمونا آهن: هڪڙو ته کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهو وجهي گول ڦيرائي پوءِ اڇلائيندا آهن، ٻيو وري ڳوڙهو وجهي پُٺن تي چاڙهي پوءِ اُڇلائيندا آهن. پويون نمونو وڌيڪ اثرائتو آهي. کانڀاڻيءَ جو ڳوڙهو اٽڪل ٻه سئو فوٽن تائين ويندو آهي. ڪي ڪي چُٽير اهڙا تجربيڪار آهن جو مجال آهي جو ڳوڙهو نشان تان گُسي وڃي[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. "کانڀاڻي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. 2020-06-24 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو