مواد ڏانھن هلو

ڦڙ سير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦَڙَ سِير:(انگريزي: Farts Seer) هن ول جي ڳنڍ ڪونڍير وانگر زمين اندر ٿيندي آهي. مُرٽن، ڄارين، ڦوڳن وغيره جي سهاري اُڀرندي آهي ۽ وڻن تي چڙهندي آهي. هن ول جا پن ڪونڍير کان وڏا، ويڪرا ۽ ڳڀدار ٿيندا آهن. ننڍا ٻار ڳنڍ ۽ پن شوق سان کائيندا آهن. هنن جي ڀاڄي ڪا نه ٿيندي آهي. اُن جا پن اُٺ، ٻڪريون، رڍون وغيره کائيندا آهن.ڳنڍ کي هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ هڻبو ته اُتي اُڀري پوندي آهي[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو