ڦولڙيون
ڏيک
ڦولڙيون:
نالا: ع. بعر، ف. پشڪ، هه. وغيره___ ميزگني ۽ پشڪل. اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: ___، ميل: عيوض: ___-، وزن: قدر موافق. سڃاڻپ: رڍن ۽ ٻڪرين ۽ ڪن اهڙن جانورن جو سفل آهي، اڪثر ڪاري رنگ تي ڊگهيرڙا گول داڻا ٿيندا آهن. خاصيت: ٻاڪرين ڦولڙين کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اُن جي ٻاڦ ڪن ۾ ڏجي ته ڪن جي وهڻ ۽ سور ۾ فائدو ڪندو. ڦولڙيون ڪٽيل ۽ ڪڻڪ جو ڀوسو پاڻ ۾ ملائي رڌي لپري ڪري ٻڌڻ سان آڱر ويڙهي ۽ نـُـنهن ٿر کي فائدو ٿيندو.[1]،
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو