ڦلھيار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦلهيار (عربي: رماد، فارسي: خاڪستر، ھندي: راک) ڇيڻي ۽ ڪاٺيءَ جي ٻري ختم ٿي ٺري وڃڻ کان پوءِ جيڪا باقي رک بچندي آهي.

طب[سنواريو]

اثر: معتدل، عيوض: مٽي، وزن: قدر موافق

خاصيت: هن کي گرم ڪري سور ۽ سوڄ تي ٽاڪور ڪبي آهي تہ في الحال آرام ايندو آهي. سرڪي ۾ ملائي ڇتي ڪتي جي کاڌل هنڌ تي لپري ڪري رکبو تہ زهر کي مٿي چڙهڻ نہ ڏيندو. ڇيڻي جو ڦلهيار رت بند ڪري ٿو. اڌ مٿي جي سور تي ان جي پني ٺاهي رکجي ته مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ