مواد ڏانھن هلو

ڏھرسيه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏھرسيه:(انگريزي: Daharsiya) سنڌ جي برھمڻ گھراڻي جي راجا چچ بن سيلائيج جو وڏو پٽ ۽ راجا ڏاهر جو وڏو ڀاءُ ھيو. جيڪو برھمڻ آباد صوبي جو گورنر رھيو . لئمبرڪ لکي ٿو ته: ڏهرسيه پنهنجي زندگيءَ جي باقي بچيل مدت ۾ برهمڻ آباد ۽ ان جي ماتحت صوبن تي هڪ جدا بادشاهيءَ طور حڪومت هلائيندو رهيو، جيڪا شان و شوڪت ۾ الور کان ڪنهن طرح به گهٽ ڪانه هئي. چيو وڃي ٿو ته هن سابق گورنرن جي لوهاڻي خاندان مان آگهم جي ڌيءَ سان شادي رچائي، پنهنجي پيءُ جي رشتي کي نئين سر تازو ۽ پختو ڪيو[1].مجموعي طور، هن مفروضي جي آڌار تي هلڻ وڌيڪ بهتر اچي ٿو ته ڏهرسيه سال 685ع ۾ يا ان جي لڳ ڀڳ ڪنهن ويجهڙي سال ۾ مري ويو هو.[1].ڏاهر هاڻي پنهنجي مئل ڀاءُ جي خزاني ۽ برهمڻ آباد وارن علائقن تي قبضو ڄمايو، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته هن ان جي پٽ، چچ بن ڏھرسيه ، کي پيءُ جو جائز وارث ۽ جائنشين تسليم ڪيو هو.[1].

ڏاھر سان تعلق

[سنواريو]

اسين هن ڳالهه کي، بنان ڪنهن خوف ۽ خطري جي، هڪ تاريخي حقيقت طور تسليم ڪري سگهون ٿا ته چندر جي مرڻ کان پوءِ، سنڌ ڪجهه عرصي تائين ٻن آزاد ۽ خود مختيار رياستن جي حيثيت ۾ ورهايل رهجي ويئي، جن تي چچ جي ٻن پٽن جي بادشاهي قائم هئي؛ ننڍي ڀاءُ جي وڏائيءَ ۽ ڏيکاءَ تي وڏي ڀاءُ کي سخت ناراضگي هئي، وڏي ڀاءُ جي مرڻ تي، جيڪو بظاهر وارثن ڇڏڻ کان سواءِ ڪونه مئو هو، سڄي بادشاهي بنان ڪنهن تڪرار ۽ جنگ جي خاموشيءَ سان سڌي ڏاهر جي هٿن ۾ هلي ويئي.[1]. ”چچ نامي“ ۾ ڏهرسيه ڏانهن جيڪي ڳالهيون منسوب ڪيل آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ڏاهر کي ڪڏهن به خود مختيار تسليم نه ڪيو هو. جڏهن کيس الور ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويئي، تڏهن هو ڏاهر ڏانهن پيغام موڪلي ٿو، ”آءٌ توسان جنگ ڪرڻ نه آيو آهيان. هيءُ قلعو منهنجي پيءُ جي گاديءَ وارو شهر هو، ۽ هن کان پوءِ اهو مون ڏانهن آيوآهي. تو کي ان جو قبضو محض منهنجي نمائندي جي حيثيت ۾ مليو هو، ۽ هيءَ بادشاهي منهنجي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به وقت ٻه تاج گڏ نه رهيا آهن.“.[1]

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو