ڏور (ادب)
ڏور:”ڏور“ لفظ جي معنيٰ آهي ”جاچڻ“ يا ”ڳولڻ“. عام زندگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجا گفتا جهڙيءَ طرح اشارن ۽ ڪناين ۾ لڪائيندي ٻڌندڙ کي دماغ تي زور ڏياريائي اُن گفتي جو مطلب ڪڍرائي اچي ٿو. بلڪل تهڙيءَ طرح لوڪ شاعريءَ ۾ سگهڙ به ڪچهريءَ ۾ ”ڏور“ ذريعي پنهنجو پيغام پيش ڪندو آهي. ڪچهريءَ ۾ سگهڙ هڪ طرف ڏور جو بيت پڙهندو ويندو. ته ٻئي طرف وري ٻڌندڙ لفظن جا پيرا کڻندو. اصل موضوع ۽ مقصد جي وٿاڻ ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ويندو. جي ٻڌندڙ سالڪ ۽ سپورنج هوندو ته هو نيٺ وڃي مطلب تائين پهچندو. ”ڏور“ لوڪ شاعريءَ جي بيحد مقبول ۽ خوبصورت صنف آهي. هن صنف ۾ سگهڙ لفظن کي پنهنجي هڪ خاص معنيٰ ڏئي ٿو. هيءَ صنف خاص طور ٻهراڙي جي ڪچهرين جي زينت آهي. اها ڪچهري اڌوري بلڪ ٻُسي چئبي. جنهن ۾ ڏور جو بيت نه پڙهيو ويندو. ”ڏور“ گهڙڻ به هڪ اعليٰ پائي جو فن آهي. جنهن تي اسان جي سگهڙن وڏي محنت ڪئي آهي[1].ڏور، لوڪ ادب جي ھڪ اھڙي صنف اھي جا سگھڙن جي ڪچھرين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي اھي. ڏور جي معنيٰ اھي ڪنھن شيءِ کي ڏوري يا کولي ڪڍڻ. جھڙي نموني ڳجھارت ۾ ڪو ڳجھه ھوندو اھي اھڙي نموني ڏور جي بيت جي صورت ۾ ڪا ڏاھپ رکي ويندي اھي. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ جلال کٽي ڏور جو وڏو شاعر ھو. ڪن سگهڙن ڀٽائيءَ جي بيتن مان به ڏور ٺاهيا يا ڳوليا آهن. ’ڏور شهزور‘ چيو ويندو آهي. ڏورن جون روايتون اڪثر ڪمزور هونديون آهن. بهرحال هي هڪ ڏکيو فن آهي. [2]معنوي سٽاءَ جي لحاظ سان عام پرولي، ڳجهارت ۽ ڏور ۾ هڪ خاص فرق آهي ته: عام پرولي ’تشبيهه‘ ۽ ’استعاري‘ تي سٽيل آهي .ڳجهارت جي اڏاوت ’تجنيس‘ ۽ ’تلميح‘ تي بيٺل آهي، ۽ ڏور جي عمارت خاص طرح ’تمثيل‘ تي اڏيل آهي. قالب ۽ هيئت جي لحاظ سان پروليون ۽ ڳجهارتون اڪثر ننڍن فقرن يا جملن جي صورت ۾ سٽيل آهن، جيتوڻيڪ ڪن سگهڙن انهن کي وڌيڪ ڪاريگريءَ سان ’بيتن‘ جي صورت ۾ سينگاريو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ ’ڏور‘ جو مستقل قالب ’بيت‘ آهي. يعني ته لفظي سٽاءَ جي لحاظ سان ڏور جي صورت ’بيت‘ واري ئي آهي. انهيءَ ڪري سگهڙ پنهنجي ڪچهري ۾ جڏهن چوندا ته، ”ادا، بيت ڏي“، ته انهيءَ مان عام طور اها ئي مراد آهي ته: ’ڏور جو بيت ڏي‘ يا ’ڏور ڏي‘.[3].
ڏور جو نالو ڪيئن پيو
[سنواريو]لاڙ جا سگهڙ اڪثر ’ڏور‘ (’ر‘ کي پيش سان ۽ مذڪر، جمع ’ڏور‘) ڪري چوندا. غالباً اِن جو سبب اهو آهي جو ’ڏور جو بيت‘ واري اصطلاح ۾ ’بيت‘ لفظ مذڪر آهي، ۽ انهيءَ مناسبت سان لفظ ’ڏور‘ پڻ لاڙ ۾ ”مذڪر‘ جي صورت ۾ رائج ٿيو[3].اُتر جي سگهڙ هيءُ لفظ اڪثر ’ڏور‘ (’ر‘ کي زير سان ۽ مؤنث. جمع ’ڏور ’ون‘ ڪري اچاريندا. جنهن جي آڳاٽي ثابتي ڇتي فقير سانگي جي بيت مان پڻ ملي ٿي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته: ڀڃ پرولي ان جي ڏنگي ڏور ڏيڻ. ”لغت جي لحاظ سان، ’اسم‘ جي معنيٰ ۾ ’ڏور‘ جي معنيٰ آهي ’ڊگهي تند‘، يا اها ڊگهي تند، رسي يا مهار جا ڪٿي اٽڪيل ڳنڍيل يا ٻڌل هجي. انهيءَ لحاظ سان ’ڏور‘ معنيٰ: ’ڊيگهه وارو سلسلو جو ڪنهن مفهوم سان لاڳاپيل هجي‘. اها معنيٰ ’ڏور جي بيت‘ جي مراد سان ٺهڪي اچي ٿي. عام پروليءَ جي ڀڃڻي هڪ ڌَڪ سان ادا ٿئي. ڳجهارت ۾ پڻ هرهڪ ’پائي‘ جي ڀڃڻي هڪ ڌڪ سان ادا ٿئي ٿي. پر ’ڏور جو بيت‘ فقط هڪ لفظ واري ڌڪ سان نه ڀڄندو پر ’بيت جو بيان‘ ڪرڻو پوندو. ڏور جي بيت ۾ هڪ ڊگهي ڳالهه سمايل آهي، جنهن جي ’مراد‘ يا ’بيان جي ڊگهي سلسلي‘ جي لحاذ سان ان کي ’ڏور جو بيت‘ يا ’ڏور‘ سڏيائون. ٽيون ته جيڪڏهن ڪو هن قسم جي ’بيت‘ کي ’ڏور‘ (’ر‘ کي زبر سان) چوي ته ان جي معنيٰ ٿيندي ’ڳولا ' اهو مفهوم بيت جي مراد ’ڳولڻ‘ ۽ ’پروڙڻ‘ جي لحاظ سان بلڪل مناسب آهي.[3].
ڏور جو سٽاءُ
[سنواريو]اُتر جي سگهڙ هيءُ لفظ اڪثر ’ڏور‘ (’ر‘ کي زير سان ۽ مؤنث. جمع ’ڏور ’ون‘ ڪري اچاريندا. جنهن جي آڳاٽي ثابتي ڇتي فقير سانگي جي بيت مان پڻ ملي ٿي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته: ڀڃ پرولي ان جي ڏنگي ڏور ڏيڻ. ”لغت جي لحاظ سان، ’اسم‘ جي معنيٰ ۾ ’ڏور‘ جي معنيٰ آهي ’ڊگهي تند‘، يا اها ڊگهي تند، رسي يا مهار جا ڪٿي اٽڪيل ڳنڍيل يا ٻڌل هجي.(2). انهيءَ لحاظ سان ’ڏور‘ معنيٰ: ’ڊيگهه وارو سلسلو جو ڪنهن مفهوم سان لاڳاپيل هجي‘. اها معنيٰ ’ڏور جي بيت‘ جي مراد سان ٺهڪي اچي ٿي. عام پروليءَ جي ڀڃڻي هڪ ڌَڪ سان ادا ٿئي. ڳجهارت ۾ پڻ هرهڪ ’پائي‘ جي ڀڃڻي هڪ ڌڪ سان ادا ٿئي ٿي. پر ’ڏور جو بيت‘ فقط هڪ لفظ واري ڌڪ سان نه ڀڄندو پر ’بيت جو بيان‘ ڪرڻو پوندو. ڏور جي بيت ۾ هڪ ڊگهي ڳالهه سمايل آهي، جنهن جي ’مراد‘ يا ’بيان جي ڊگهي سلسلي‘ جي لحاذ سان ان کي ’ڏور جو بيت‘ يا ’ڏور‘ سڏيائون. ٽيون ته جيڪڏهن ڪو هن قسم جي ’بيت‘ کي ’ڏور‘ (’ر‘ کي زبر سان) چوي ته ان جي معنيٰ ٿيندي ’ڳولا‘(1) اهو مفهوم بيت جي مراد ’ڳولڻ‘ ۽ ’پروڙڻ‘ جي لحاظ سان بلڪل مناسب آهي.[3].
ڏور جا اصطلاح
[سنواريو]ڏور جي ڪچهري جا خاص اصطلاح هيٺ ڏجن ٿا:
- ڏور ڏيڻ، بيت پڙهڻ، يا بيت چوڻ:
ڪچهريءَ ۾ ڪنهن سگهڙ جو بيت چئي ٻڌائڻ يا پڙهي ٻڌائڻ، انهيءَ لاءِ ته ٻيا سگهڙ ان کي ڳولين. - حديث تي پورو هئڻ:
’اصلي ڳالهه‘ جو اهڙي واقعي بابت هجڻ جو صحيح هجي يا حيثيت سان مليل هجي. يعني ته جنهن جي ڪتابن ۾ تصديق ٿيل هجي. - بيت ڳولڻ:
ڏيندڙ جو بيت ٻڌي، ٻين سگهڙن جو ان کي ويچارڻ ۽ انجي مراد واري ’اصلي ڳالهه‘ بابت ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏيڻ. - ورائي چوڻ:
ڳوليندڙ سگهڙ جي طلب ۽ تقاضا تي ’ڏيندڙ‘ جو ساڳيو بيت وري چئي ٻڌائڻ. - شاهد ڏيڻ:
ڳولهي جي طلب تي، ڏيندڙ جو پهرئين بيت واري ساڳيءَ مقصد ۽ مراد تي ٻيو بيت ڏي - بيت ڪڍڻ:
ڳولي طرفان ڏور جي بيت ۾ سمايل ’اصلي ڳالهه‘ جو صحيح ناڻو ڏيڻ: اصل مراد وارو صحيح اُهڃاڻ ڏيئي بيت کولي وجهڻ. - حديث ڪرڻ:
’پنجتني‘ بيت کلڻ بعد (يعني ڳوليندڙ سگهڙ جو بيت ڪڍڻ بعد) ڏيندڙ جو پنجتني بيت جي مراد واري اصل ڳالهه سڄي کولي ٻڌائڻ. - بيان ڪرڻ:
نبوت، امامت، وليت يا قدرت بابت ڏور جي کلڻ بعد (يعني ڳوليندڙ سگهڙ جو ڏور ڪڍڻ بعد)، ڏيندڙ جو ڏور جي بيت جي مراد واري اصلي ڳالهه سڄي بيان ڪري ٻڌائڻ
..[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڏاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب ڏور جي شروعات ۾ ڇپائيندڙ طرفان سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري انعام شيخ جا تاثرات (تاريخ: 22. 07 2005)
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- 1 2 3 4 5 ڪتاب جو نالو: ڏور؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ايڊيشن: پھريون 1970