مواد ڏانھن هلو

ڏم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏم
سهڻي ميهار (داستان) character
پھريون ڏيک سنڌي لوڪ داستان "سهڻي ميهار"
جي سرجيل سنڌي لوڪ ادب
سُڌُسماءُ
جنس مرد
ڌنڌو سهڻيءَ جو مڙس
ڪٽنب سامٽيو ذات
جيون ساٿي سهڻي
ڌرم روايتي سنڌي سماجي پسمنظر
قوميت سنڌي

ڏم، سنڌ جي مشهور رومانوي داستان سهڻي ميهار جو هڪ اهم ڪردار هو[1]. ڏم، سهڻيءَ جو مڙس هو[2] ۽ سندس ذات سامٽيو بيان ڪئي وئي آهي.[2] سندس رهائش موجوده سنڌ جي ضلعو سانگهڙ جي شهر شهدادپور ڀرسان هڪ بستيءَ ۾ بيان ڪئي وئي آهي.[2][3]

ڪردار جي پرک

[سنواريو]

روايتن پٽاندڙ، ڏم ۽ سهڻي جو سنڱ سندن ننڍپڻ کان رٿيل هو. شاديءَ کان پوءِ، جڏهن سهڻيءَ کي ميهار سان پيار ٿي ويو، تڏهن به هوءَ ڏم سان ناتا ٽوڙي نہ سگهي، پر پوءِ به دل سان ميهار سان ئي لاڳاپيل رهي. ڪجهه روايتن موجب، ميهار نالي ھمراھ، جيڪو روزانو درياهه چناب پار ڪري سهڻي سان ملاقات ڪندو هو، کيس عشق ۾ ڦاسايو. انهن ملاقاتن جي سِڌُ جڏهن سهڻيءَ جي پيءُ تلا کي پئي، تڏهن هن سهڻيءَ جي شادي ڏم سان ڪرائي ڇڏي [1][2].

ڪجهه لوڪ روايتن موجب، ميهار سهڻيءَ جي ڄڃ جي وقت کير جي چڪي ڏني، جنهن جي اثر هيٺ سهڻي ڏم کان ڪنارو ڪندي ميهار سان پيار جو ناتو جوڙيو. ڏم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو مھانڊي جو موچارو نه هو، ۽ جڏهن کيس سهڻيءَ جي ميهار سان لاڳاپن جي سِڌُ پئي ته هن کيس طعنا ۽ مهڻا ڏنا. نيٺ، ڏم ۽ سندس ڀيڻ (يعني سهڻيءَ جي نڻان) هڪ سازش رچي، جنهن ۾ هڪ اڌ پڪو دلو سهڻيءَ لاءِ تيار ڪيو ويو. سهڻي انھيءَ مٽڪي تي چڙھي نديءَ ۾ لٿي، جيڪو وچ سير ۾ ڀُري پيو ۽ هوءَ ميهار سان گڏ ٻڏي وئي[2].

شاهه جو رسالو ۾ ذڪر

[سنواريو]

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پنهنجي مشهور رسالي جي سر سهڻي ۾ ڏم جو ذڪر ڪئي ٿو. هيٺيان بيت ڏم جي ڪردار سان لاڳاپيل آهن:

  
تڙ تڪڙ تار گھڙڻ، ايءُ ڪاڻيارن ڪم،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم،
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.

(شاهه جو رسالو، داستان: 3، بيت: 1)

  
ساهڙ ڌاران سهڻي، آهي منجهه آر،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگھار،
توڏيءَ سندي تن جي، دوا ۾ ديدار،
جي پسي منهن ميهار – ته سگھيا ئي سگھي ٿئي.

(شاهه جو رسالو، داستان: 1، بيت: 3)

  
گهڙو ڀڳو ته گھورئو، مر چور ٿئي چوڙو،
طالب المولى مذڪر، ايءُ ٻڏندِين ٻوڙو،
ڪوڙهيو ڏم ڪوڙو، مون ميهار من ۾!

(شاهه جو رسالو، داستان: 2، بيت: 3)

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 سنڌي لوڪ ادب، رومانوي داستان:سهڻي ميهار، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  2. 1 2 3 4 5 "ڏم : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 10 جون 2025۔
  3. شاهواڻي، غلام محمد.شاهه جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو

ڏسو پڻ

[سنواريو]