مواد ڏانھن هلو

ڏاکڻيون اڌ گول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏاکڻي اڌ گول (Southern Hemisphere) ڌرتيء جو اڌ حصو آهي، جيڪو برابري ڦاڪ جي ڏکڻ ۾ آهي. ان ۾ پنج کنڊن جا سڄا يا ڪجهه حصا (سڄو انٽارڪٽيڪا، سڄو آسٽريليا، ڏکڻ آمريڪا جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو، آفريڪا جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو ۽ ايشيا جا ڪجهه ٻيٽ) ۽ چار سمنڊ (سڄو ڏاکڻي سمنڊ، هندي سمنڊ جو گهڻو حصو، ڏاکڻي ايٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڏاکڻي پئسفڪ سمنڊ) ۽ انهي سان گڏ نيوزي لينڊ ۽ اوشينيا ۾ پئسفڪ ٻيٽن جو وڏو حصو شامل آهي. ان جي مٿاڇري تي، اتر اڌ گول ۾ 60.7 سيڪڙو پاڻي جي مقابلي ۾، 80.9 سيڪڙو پاڻي آهي ۽ ان ۾ ڌرتيء جي 32.7 سيڪڙو خشڪي جو علائقو آهي. ڏاکڻي اڌ گول ۾ 85 ڪروڙ (850 ملين) کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، جيڪا ڪل عالمي انساني آبادي جي لڳ ڀڳ 10 کان 12 سيڪڙي جي نمائندگي ڪن ٿا.