مواد ڏانھن هلو

ڏاج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏاج يا ڏيج مان مراد اھو گهريلو سامان، زيور، ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون آهن جيڪي شاديءَ جي موقعي تي ڪنوار توڙي گهوٽ کي مائٽن پاران ڏنيون وينديون آهن. ڏاج ڏيڻ سنڌ جي هڪ قديم روايت آهي. سرنديءَ وارا ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي شاديءَ تي گهريلو استعمال جي هر شيءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن کيس نئين گهر ۾ ڪنهن تڪليف جو سامھون نه ڪرڻو پوي، جڏهن ته غريب ماڻهو پنهنجي وس آهر ڪجهہ نه ڪجهہ ضرور ڏيندا آهن.[1]

اسلامي پس منظر

[سنواريو]

اسلام ۾ ڏاج جي حيثيت سادگيءَ واري رهي آهي. پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي نياڻي بيبي فاطمة الزهريٰ رضه کي ڏاج ۾ انتهائي ساديون شيون ڏنيون هيون، جن ۾:

  • هڪ مصلو
  • کجيءَ جي ڪاٻر (ٻوري) سان ڀريل وهاڻو
  • مٽيءَ جو پيالو
  • جنڊ
  • کجيءَ جي توري (ٽوڪري) شامل هئي.[1]

سماجي حيثيت ۽ موجوده دور

[سنواريو]

هيءَ رسم نه صرف سنڌ پر ڏکڻ ايشيا جي اڪثر ملڪن ۽ مسلمان ملڪن ۾ رائج آهي. ڏاج ڏيڻ جو بنيادي مقصد نئين جوڙي کي سماجي طور مستحڪم ڪرڻ هوندو آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏ هيءَ رسم ڪيترن ئي غريب خاندانن لاءِ وبال بڻجي وئي آهي. هن وقت ڪيترن ئي هنڌن تي ڏاج کي ملڪيت جي هوس ۽ ڏيکاءُ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي مذهبي ۽ سماجي اڳواڻ تنقيد ڪن ٿا.

هندو سماج ۾ ڏاج جي رسم

[سنواريو]

هندو مذهب وارن ۾ ڏاج جي رسم تمام گهڻي مهانگي ۽ لازمي سمجهي وڃي ٿي. اڪثر ڪري گهوٽيتا ڪنواريتن کان روڪ رقم ۽ مهانگي سامان جي فرمائش ڪندا آهن. انهيءَ ڪري ڪيترائي غريب والدين قرض کڻي ڪنگال ٿي وڃن ٿا يا وري اڻهوند سبب ڪيتريون ئي نياڻيون رشتن جي انتظار ۾ عمر وڃائي ويهن ٿيون.[1]

سنڌ ۾ ڏاج جا قديم رواج

[سنواريو]

آڳاٽي دور ۾ سنڌ ۾ گهڻي ڏاج جو رواج نه هو. اڪثر گهوٽيتا شاديءَ جا سمورا خرچ پاڻ ڀريندا هئا. مائٽ ڇوڪريءَ کي صرف ذاتي ضرورت جون شيون ڏيندا هئا، جن ۾ عام طور تي:

  • ست وڳا ڪپڙا
  • ڪو سنهو ٿلهو ڳهه (زيور)
  • هڪ بسترو (هنڌ)
  • ٻه ٽي باسڻ (भांडा) شامل هوندا هئا.

هاڻوڪي دور ۾، هندستاني رسمن جي اثر سبب سنڌ ۾ به وڏي ڏاج جو رواج پئجي ويو آهي.

ڏاج جي نمائش

[سنواريو]

سنڌ جي ڪجهہ علائقن ۾ نڪاح کان پوءِ يا لانئن جي رسم کان اڳ ڏاج کي مائٽن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي ڏيکاريو ويندو آهي، جنهن لاءِ اڪثر خاندان جي ڪنهن بزرگ عورت کي مقرر ڪيو ويندو آهي.

  • لاڙ ۽ ٿر: هنن علائقن ۾ ڪنجهي جو وٽو (يا اسٽيل جو وٽو) ڏاج ۾ ڏيڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي پهاڪو "فلاڻي جي گهر ۾ ته وٽو به ڪونهي" انهيءَ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.
  • رنگن جو انتخاب: ڏاج جي ڪپڙن ۾ اهڙن رنگن کان پرهيز ڪئي ويندي آهي، جيڪي ڏک يا سوڳ جي موقعي تي پاتا ويندا آهن.[1]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 "ڏاج / ڏيج". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو. Retrieved March 3, 2026.