ڍاڪايه
نمايان آبادي وارا علائقا | |||
---|---|---|---|
پراڻو ڍاڪا (بنگلاديش) | |||
| |||
ٻوليون | |||
مذھبَ | |||

قديم ڍاڪا واسي (بنگالي: পুরান ঢাকাইয়া، رومن: Puran Dhakaiya) ھڪ هند-آريائي ثقافتي گروھ آھن، جن کي ڍاڪا جي اصل رهاڪن طور ڏٺو ويندو آھي.[1][2] انهن کي عام طور تي صرف "ڍاڪا واسي" يا "ڍاڪايا" چيو ويندو آهي. انهن جي تاريخ مغلن جي دور تائين پهچي ٿي، جڏهن بنگالي هارين ۽ اتر ڀارت جي واپارين جي لڏپلاڻ ڍاڪا ڏانهن ٿي. بنگالي هارين کي "ڪٽي" سڏيو ويو، جيڪي "ڍاڪايا ڪٽي" ڳالهائيندا آهن، جيڪا بنگالي ٻوليءَ جي ھڪ خاص لهجي آھي، جڏهن ته اتر ڀارتي واپاري "خوشباس" طور سڃاتا ويندا آهن، جيڪي "ڍاڪايا اردو" ڳالهائيندا آهن، جيڪا اردو جو ھڪ لهجو آھي.[3][4]
بنگلاديش جي ٻين حصن ۾ پڻ انهن جي وڏي آبادي موجود آهي. انهن کي هڪ امير، پر تمام بند معاشرو بيان ڪيو ويو آهي، جيڪي پنهنجي ئي شهر ۾ اقليت طور موجود آهن. اهو به چيو وڃي ٿو ته وڏي ڍاڪا ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو به ان ڳالهه کان بي خبر آهن ته هتي هڪ اردو ڳالهائيندڙ غير بيهاري اقليتي برادري به موجود آهي، جيتوڻيڪ انهن جي موجودگي صدين کان آهي.[5]
تاريخ
[سنواريو]مغلن جي دور ۾، بنگال صوبو چانورن جي پوک لاءِ مشهور هو، ۽ جهانگير نگر (ھاڻي پراڻو ڍاڪا) ان صوبي جو گاديءَ جو هنڌ هو. سترهين صديءَ جي وچ ڌاري، ڍاڪا چانورن جي برآمد جو اهم مرڪز هو. چانورن جي واپار ۾ شامل واپاري خاص طور تي مارواڙي ۽ وچ ڀارت جا معزز خاندانن جا فرد هوندا هئا. اهي اتر ۽ وچ ڀارت جا واپاري اوڀر بنگال جي مختلف علائقن ڏانهن ويندا هئا ۽ اتي چانور گڏ ڪندا هئا.
چانورن کي پهرين صاف ڪرڻو پوندو هو، جيڪو "ڍيڪي" نالي اوزار سان ڪيو ويندو هو، ۽ ان عمل کي بنگاليءَ ۾ "ڪُتا" (কুটা) چيو ويندو هو. بنگال جي مختلف ڳوٺن مان ڪيترائي مقامي بنگالي هاري انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيا ويندا هئا. اهي ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ شهر ايندا هئا، ۽ جيئن ته اهو سفر ڊگهو هوندو هو، ڪيترن ئي مستقل طور ڍاڪا ۾ رهڻ شروع ڪيو. اها لڏپلاڻ لڳ ڀڳ 1760ع ۾ ٿي.
بهرحال، سڀئي چانورن جي واپار سان لاڳاپيل نه هئا. مغلن جي موجودگي سبب ڍاڪا ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا موجود هئا، تنهن ڪري ڪيترن ئي ٻين پيشن اختيار ڪيا، جيئن خانساما، پيادا سپاهي، محافظ، باورچي، ۽ ڍاڪا جي نوابن ۽ ٻين امير گهراڻن لاءِ ڊرائيور وغيره.[6][7]
اهي مختلف گروھ گڏ رهندا هئا ۽ ھندنستاني ساٿين سان گڏ ويهي ڳالهيون ۽ محفلون ڪندا هئا. سندن بنيادي ڌنڌي سبب انهن کي "ڪٽي" سڏيو ويو، جڏهن ته ٻيا گهٽ عام نالا "ڪٽيال" ۽ "هاٽ ڪٽي" پڻ هئا. انهن ڪٽي-بنگالين جو پراڻي ڍاڪا ۾ اتر ڀارت جي اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن سان رابطي جي نتيجي ۾، بنگالي ٻوليءَ جو هڪ اردو-متاثر لهجو، "ڍاڪايا ڪٽي" جنم ورتو، جنهن سان گڏ هڪ نئين سڃاڻپ به پيدا ٿي.[8]
اتر هندستان مان ايندڙ واپاري پڻ آخرڪار ڍاڪا ۾ آباد ٿيا ۽ "خوشباس" سڏجڻ لڳا، جنهن جو مطلب آهي "خوشيءَ سان آباد ٿيل". انهن لاءِ ٻيا نالا "سُکباس" ۽ "سُبباسي" پڻ استعمال ڪيا ويندا هئا. اصل ۾ هي هڪ اردو ڳالهائيندڙ برادري هئي، پر بنگال ۾ رهڻ دوران، بنگالي ٻوليءَ جي اثر سبب هڪ نئون لهجو اڀريو، جيڪو "ڍاڪايا اردو" سڏجڻ لڳو، ڇو ته هو "ڪٽي-بنگالين" جي ڀيٽ ۾ اقليت ۾ هئا.[9]
گهڻا ڪٽي-بنگالي وقت سان گڏ پنهنجي ڌنڌي سبب تمام امير ٿي ويا ۽ ڪيترائي زميندار بڻجي ويا. 1787ع تائين، جڏهن هزارين ڪٽي چانورن جي فراهمي واري صنعت سان جُڙيل هئا، انهن شهر ۾ چانورن جي پرچون واپار تي اجاراداري قائم ڪري واپاري طبقو پڻ جوڙي ورتو.[10]
نئون پلٽن جي اهم زميندارن ۾ گلنور خاتون ۽ ايوب علي سردار شامل هئا. خاتون نئين پلٽن جي اترئين حصي جو وڏو حصو مالڪ هئي، جتي هن جو گهاٽن ڇِٽيءَ وارو گھر ۽ هڪ چانهه جو هوٽل پڻ موجود هو. اهو هوٽل "لالوءَ جي ماءُ جي دڪان" (بنگالي: লালুর মার দোকান) جي نالي سان مشهور هو، جيڪو اڳوڻي اوڀر پاڪستان رائفلز جي ٽئين گيٽ جي بلڪل ڀرسان هو.
سردار، جيڪو خاتون جي چانهه واري هوٽل جي سامهون رهندو هو، گهوڙا هلائڻ جو ڌنڌو ڪندو هو ۽ هن وٽ ڪيترائي گهوڙا هئا. اهي گهوڙا مشهور رامنا ريس ڪورس ۾ ڊوڙن ۾ حصو وٺندا هئا، جتان هن نه رڳو تمام گهڻي دولت ماڻي، پر برطانوي راج کان تمغا به حاصل ڪيا. ڪٽي-بنگالي برادري جا ماڻهو ٻين علائقن جهڙوڪ ناريندا ۾ به رهن ٿا.[11]
اڄڪلهه ڪٽي-بنگالي پراڻي ڍاڪا ۾ اقليت بڻجي ويا آهن، خاص طور تي انگريزن جي دور ۾ ٿيندڙ پهريائين ۽ ٻئي ورهاڱي دوران غير ڍاڪايا بنگالين جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ سبب.
جڏهن شهر وڌڻ لڳو، نون مهاجرن لاءِ رهاشي علائقا تيار ڪيا ويا. ساڳئي وقت، صدربندر (سدرگھاٽ)، جيڪو روايتي واپاري مرڪز هو، نيلکيٽ ۽ گلستان ڏانهن منتقل ٿي ويو، جنهن سان پراڻن ڍاڪايا واسين جو اثر گهٽجڻ لڳو.
نئين تعليم يافته مهاجر برادري (جنهن کي هاڻي عام طور تي ڍاڪايا چيو وڃي ٿو، جڏهن ته اصل باشندن کي پراڻا ڍاڪايا سڏيو وڃي ٿو) معياري بنگالي ڳالهائيندي هئي، جيڪا بنگالي ٻوليءَ جو معياري لهجو آهي.
انهن لهجي ۽ ثقافتي اختلافن سبب، پراڻن ڍاڪايا واسين نئين ايندڙ برادري کي پنهنجو مخالف سمجهڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح، پراڻن ڍاڪايا واسين (جيڪي پاڻ کي اصل رهاڪ سمجهن ٿا) ۽ ورهاڱي کان پوءِ آيل مهاجر برادري (جيڪي هاڻي شهر جي اڪثريت بڻجي چُڪي آهي) جي سڃاڻپ ۾ تڪرار جنم ورتو، جيڪو اڄ به جاري آهي.[12]
ثقافت
[سنواريو]ڪپڙا
[سنواريو]ڪٽي-بنگالي برادري جي هڪ عام روايت اها هئي ته اهي اڇا قميص ۽ اڇا لونگي پهريندا هئا. جڏهن ته، خوشباس تمام نفيس لباس پائيندا هئا، جن جي ڪاري شيرواني سندن سڃاڻپ هئي.[13]
ٻنهي برادرين ۾ مٿي ڍڪڻ کي عزت جي نشاني سمجهيو ويندو هو، ۽ اهم روايتي ٽوپين ۾ ٽوپي، ڪرڪل، رومي ٽوپي ۽ طاقي شامل آهن.
ڍاڪايا عورتون خاص طور تي ڍاڪايا جمداني ساڙهي لاءِ مشهور آهن، جيڪا ڍاڪا جي نازڪ ململ ڪپڙي مان ٺهيل هوندي هئي. هي صديون پراڻو لباس بنگالين ۾ عام طور تي پسند ڪيو ويندو آهي.
جمدانيءَ جي روايتي ڪپتڻ واري هنر کي مغلن جي سرپرستي حاصل هئي، پر برطانوي راڄ دوران، برآمداتي پاليسين سبب جمداني ۽ ململ جي صنعت زوال جو شڪار ٿي وئي، ڇو ته انگريزن مشيني ڪپڙن کي ترجيح ڏني.
تازن سالن ۾، بنگلاديش ۾ جمداني پيداوار ٻيهر جيئري ٿيڻ لڳي، ۽ 2013ع ۾ يونيسڪو ان کي انساني تهذيبي ورثي جو حصو قرار ڏنو. 2016ع ۾، بنگلاديش جمداني ساڙهي لاءِ جاگرافيائي اشاري (GI) جو درجو حاصل ڪيو.[14]
کاڌو
[سنواريو]پراڻي ڍاڪيا جي خوراڪ بنگلاديش جي سڀ کان اهم علاقائي کاڌن مان هڪ آهي. هنن جي کاڌي جي شاهوڪاري روايت تي مغلائي، وچ ايشيائي، آرميني، هندوستاني ۽ بنگالي طعامن جو اثر آهي، پر ڪيتريون ئي کاڌا خاص طور ڍاڪا سان لاڳاپيل آهن.[15]
حاجي برياني 1939ع ۾ هڪ ريسٽورنٽ مالڪ ايجاد ڪئي، جيڪا گهڻي مصالحيدار چانورن، ٻڪريءَ جي گوشت، مختلف مصالحن ۽ مِکڻين سان تيار ڪئي ويندي آهي. اهو ريسٽورنٽ ڍاڪيا ثقافت جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهي.[16]
پراڻو ڍاڪا مشهور پلاءَ جي هڪ منفرد قسم "مرغ پلاءَ" تي فخر ڪري ٿو، جنهن ۾ چانور گوشت کي ڪٽڻ کانپوءِ پچايو ويندو آهي. ٻيا مشهور پلاءَ آهن اِليش پلاءَ ۽ رُوئي پلاءَ. ڍاڪايا خاص طور تي کچڙي ۾ پنير ۽ اٻريل آنڊا شامل ڪرڻ لاءِ مشهور آهن.
ڍاڪايا بڪر کهاني هڪ ٿلهي، بسڪيٽ جهڙي ماني آهي، جيڪا روايتي اسٽريٽ فوڊ اسنئڪ طور مشهور آهي. اهو خاص طور چانهه سان گڏ پيش ڪيو ويندو آهي.[17][18][19]
پراڻن ڍاڪايا واسين وٽ سڀ کان بهترين "خِلي پان" ٺاهڻ جي وراثت آهي، جيڪا مختلف جڙي ٻوٽين ۽ مصالحن سان تيار ڪئي ويندي آهي. انهن وٽ ذيابيطس جي مريضن لاءِ خاص "پان افسانه" به موجود آهي.[20]
عام ڍاڪايا مشروبات ۾ بورهاني، روح افزا، شربت، روايتي فروٽ جوس ۽ تُلسي جي ٻج سان تيار ٿيندڙ مشروب شامل آهن. مشهور مٺا کاڌا ۽ مٺايون فالودو، شاهي جليبي ۽ سِيوَيون (شيمائي) آهن.
فيسٽيول
[سنواريو]مقدس اسلامي مهيني رمضان دوران، هر گهر لاءِ روايت هئي ته هو پنهنجي مقامي مسجد ڏانهن کاڌي جو نذرانہ موڪلين. مسجد ۾ هڪ دسترخوان وڇايو ويندو هو، جتي روزيدار افطار ڪندا هئا.[21]
[22]چوڪ بازار مغلن جي دور ۾ پراڻي ڍاڪيا جو هڪ مشهور واپاري ۽ سماجي مرڪز هو، جيڪو اڄ تائين رمضان ۾ سؤن کان وڌيڪ افطاري شين جي دستيابي لاءِ مشهور آهي.[23][24][25]
رمضان جي آخر ۾، چوڪ بازار ۾ عيدالفطر جي جشن لاءِ ٻه ڏينهن ميلو لڳندو هو. ان وقت ڍاڪايا ثقافت ۾ عيدي طور رانديڪا ۽ تحفا عام هئا، جهڙوڪ ڀوتڀوتي (هڪ ميني موٽر، جيڪا مٽي جي تيل سان هلندي ۽ پاڻيءَ ۾ ڦرندي هئي) ۽ ڊرم گاڏي.
حڪيم حبيب الرحمان[26] پنهنجي ڪتاب "ڍاڪا پنجاس برس پهلي" (ڍاڪا، پنجاهه سال اڳ) ۾ ذڪر ڪيو آهي ته سحري وقت (صبح کان اڳ) ماڻهن جا ڳائڻ وارا گروپ قصيدا ڳائي پاڙيسرين کي جاڳائيندا هئا.
ھن روايت کي ڍاڪيا نوابن ۽ سردارن جي سرپرستي حاصل هئي، ۽ عيد جي ڏينهن، چيف سردار بهترين قصيدا ڳائيندڙن کي انعام ۽ بخشش ڏيندو هو. شروعاتي طور تي، قصيدا عام طور اردو ۾ ڳايا ويندا هئا، پر 1980ع جي ڏهاڪي ۾ بنگالي قصيدا پڻ مقبول ٿيڻ لڳا.[27]
ھاڻي، شمس الرحمان پوسٽا جھڙا ماڻهو هن روايت کي جيئرو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.[28]
خوشباس برادري خاص طور تي قواليون ۽ اردو شاعريءَ جي محفلن لاءِ مشهور هئي.[29]
شڪرين ميلو پراڻي ڍاڪيا جي پتنگ بازي جي پراڻي روايت آهي، جيڪا بنگالي ڪئلينڊر ۾ سياري جي اچڻ جي خوشي ۾ ملهايوندي آهي. پتنگ بازي جا ماهر پنهنجي گھرن جي ڇتين تي گڏ ٿيندا ۽ آسمان کي روشن ڪندا.[30][31][32]
ڍاڪيا شاديون عام طور تي تمام شان و شوڪت واريون سمجهيون وينديون آهن.
پراڻن ڍاڪايا واسين جي مشهور راندين ۾ هاڪي، گھوڙي سواري ۽ نوڪا بايچ (ٻيڙي ڊوڙ) شامل آهن. نوڪا بايچ اصل ۾ ٻهراڙيءَ جي راند هئي، پر 18هين صديءَ ۾ نوابن جي طرفان گهڻيون ڊوڙون ڪرائڻ سبب اها شهري علائقن ۾ به مشهور ٿي وئي.[33]
ٻولي
[سنواريو]
مغل دور ۾ پراڻي ڍاڪيا ۾ اردو ۽ بنگالي ڳالهائيندڙن جي لاڳاپن سبب ٻه مختلف لهجا پيدا ٿيا.
خوشباس ۽ ڍاڪيا نواب هڪ بنگاليءَ کان متاثر ٿيل اردو لهجو ڳالهائيندا هئا، جنهن کي ڍاڪيا اردو سڏيو ويندو هو، جيڪو بهاڙي برادري جي هندستاني ڪريول کان بلڪل مختلف آهي.
[34]ڪٽي بنگالي ڍاڪيا ڪٽي ڳالهائيندا هئا، جيڪو اردوءَ جي اثر هيٺ آيل بنگالي لهجو آهي.
مزاح ڪٽي ثقافت جو هڪ اهم حصو رهيو آهي. ماضيءَ ۾، ڍاڪيا ڪٽي لهجي ۾ ٻڌايل لطيفا عام طور تي ننڍين ڪهاڻين تي مشتمل هوندا هئا، جن ۾ ڍاڪيا واسين اشرافيه طبقي سان مذاق ڪندا هئا.[35]
ڪٽي برادري ٻاهرين ماڻهن يا غير ڍاڪيا بنگالين کي "گئيا" (গাঁইয়া) سڏيندي هئي،[36] جنهن جو مطلب آهي ڳوٺ مان آيل. خاص طور تي ڪولڪاتن وارن کي "ڊيمچي" (ডেমচি) چوندا هئا.[37]
ڍاڪا ماضيءَ ۾ فارسي جي مطالعي جو هڪ اهم مرڪز رهيو،[38] ڇو ته استعماري دور کان اڳ فارسي سرڪاري ٻولي هئي. ان سان گڏ، وچ ايشيا ۽ فارس جي واپاري ۽ واپاري طبقن جي وڏي آبادي پڻ ڍاڪا ۾ آباد هئي، جنهن سبب فارسي علم ۽ ادب ۾ ترقي ڪئي.
ڍاڪا جو نائب ناظم، نصرت جنگ، 18هين صديءَ جي آخر ڌاري هڪ تاريخي ڪتاب "تاريخِ نصرت جنگي" لکيو.[39]
آغا احمد علي بنگال جو سڀ کان وڏو فارسي عالم سمجهيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي فارسي لسانيات جي ڪتابن جهڙوڪ "مؤيدِ برهان" ۽ "شمشيرِ تيزتر" لاءِ مشهور هو. اهي ڪتاب غالب جهڙن همعصر عالمن جا هم پلهه سمجهيا ويندا هئا ۽ اڄ به سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ پڙهيا وڃن ٿا.[40]
ڍاڪا يونيورسٽي ۾ فارسي شعبي جو افتتاح 1921ع ۾ ٿيو.[41]
ميڊيا ۾
[سنواريو]2008ع ۾ ايڪوشي ٽيليويزن هڪ ڊراما سيريل "ٽن ٽني ولا" شروع ڪيو، جيڪو پراڻي ڍاڪيا خاندان جي ڪهاڻي تي ٻڌل هو.[42]
2015ع جي ڍالي ووڊ فلم "لوو مئرج" ۾ شڪيب خان هڪ پراڻي ڍاڪيا ڪردار ادا ڪيو.[43][44]
مشهور شخصيتون
[سنواريو]- شمس الرحمان ، بنگالي شاعر، ڪالم نگار ۽ صحافي
- حڪيم حبيب الرحمان ، يوناني طبيب ، مورخ، ايڊيٽر المشرق (ڍاڪا جي پهرين اردو اخبار)
- آغا احمد علي ، فارسي ۽ اردو جو عالم شاعر
- بلبل احمد ، اداڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر
- سعيد احمد ، ڊراما نگار
- محمد انعام الحق ، سي ايس پي آفيسر ۽ بنگلاديش حڪومت جو اڳوڻو اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري.
پڻ ڏسندا
[سنواريو]- ڍاڪا جو نواب ، بنگال ۽ آسام ۾ سڀ کان وڏو اڳوڻو زمينداري خاندان
- بنگلاديش ۾ بهاري ، بنگلاديش ۾ هڪ ٻي اردو ڳالهائيندڙ برادري
- ناسخ ، ڀر واري فريد پور جو اردو شاعر
- مهيفراش ، ڍاڪيه ماهيگير برادري
حوالا
[سنواريو]- ↑ سانچو:Cite thesis
- ↑ Redclift, Victoria. "The socio-spatial contours of community". Statelessness and Citizenship: Camps and the Creation of Political Space. pp. 66–70.
- ↑ سانچو:Cite thesis
- ↑ Huda, Sarah Elma (16 Mar 2019). "Between two languages: Examining my identity as a Bangladeshi". https://www.thedailystar.net/opinion/perspective/news/between-two-languages-examining-my-identity-bangladeshi-1715617.
- ↑ Redclift, Victoria. "The socio-spatial contours of community". Statelessness and Citizenship: Camps and the Creation of Political Space. pp. 66–70.
- ↑ Ahmad Mirza Khabir (1995) (bn ۾). Shotoborsher Dhaka. Rashid Hasan.
- ↑ Bhowmik, Satya N (1993) (de ۾). Die Sprachenpolitik Der Muslim-League-Regierung und Die Entstehung Der Bengali-Sprachbewegung in Ostbengalen: 1947 - 1956. F Steiner. p. 60.
- ↑ ঢাকাইয়া কুট্টি উপভাষার অভিধান-মোশাররফ হোসেন ভূঞা-প্রকাশনা: ঐতিহ্য-রুমী মার্কেট ৬৮-৬৯ প্যারীদাস রোড-বাংলাবাজার ঢাকা ১১০০
- ↑ سانچو:Cite thesis
- ↑ سانچو:Cite thesis
- ↑ Abir, Rahad (1 Dec 2018). "Seeking a Story". The Daily Star (Bangladesh). https://www.thedailystar.net/literature/news/seeking-story-1667476.
- ↑ سانچو:Cite thesis
- ↑ Jamal Syed (8 Jan 2019) (bn ۾). https://www.prothomalo.com/durporobash/article/1573734/%E0%A6%AE%E0%A7%81%E0%A6%B8%E0%A6%B2%E0%A6%AE%E0%A6%BE%E0%A6%A8%E0%A6%BF%E0%A6%B0-%E0%A6%97%E0%A6%B2%E0%A7%8D%E0%A6%AA.
- ↑ "Jamdani Sari gets GI registration certificate". The Daily Star.
- ↑ Ray, Utsa (5 Jan 2015). Culinary Culture in Colonial India. Cambridge University Press. pp. 210–215.
- ↑ Mydans, Seth (8 July 1987). "For a secret stew recipe, time is running out". The New York Times. https://www.nytimes.com/1987/07/08/garden/for-a-secret-stew-recipe-time-is-running-out.html.
- ↑ Ray, Utsa (5 Jan 2015). Culinary Culture in Colonial India. Cambridge University Press. pp. 210–215.
- ↑ "Old Dhaka Bakarkhani – A Legendary Bread". وقت 18 July 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 March 2020. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Bakarkhani: delight in every bite". Daily Sun. حاصل ڪيل 17 September 2018.
- ↑ Ara, Shifat (18 Feb 2014). "Gourmet Paan". https://www.thedailystar.net/gourmet-paan-11610.
- ↑ Jamil, Syed Maqsud (31 Aug 2012). "Once Upon a Time in Dacca". http://archive.thedailystar.net/magazine/2012/08/04/perceptions.htm.
- ↑ Jamil, Syed Maqsud (31 Aug 2012). "Once Upon a Time in Dacca". http://archive.thedailystar.net/magazine/2012/08/04/perceptions.htm.
- ↑ "Eyewitness: Chak Bazar iftar market in old Dhaka". The Guardian. https://www.theguardian.com/world/picture/2011/aug/04/eyewitness-chak-bazar-market-dhaka-bangladesh.
- ↑ Auzias, Dominique; Labourdette, Jean-Paul (2016). BANGLADESH 2017 Petit Futé. Petit Futé. pp. 133–. ISBN 979-10-331-4296-6. https://books.google.com/books?id=ZiLZDAAAQBAJ&pg=PT133.
- ↑ "Dhaka Chawk Bazar Meetup".
- ↑ Jamil, Syed Maqsud (31 Aug 2012). "Once Upon a Time in Dacca". http://archive.thedailystar.net/magazine/2012/08/04/perceptions.htm.
- ↑ Sirajul Islam. "Qasida". Banglapedia: The National Encyclopedia of Bangladesh, Asiatic Society of Bangladesh, Dhaka. حاصل ڪيل 5 May 2018.
- ↑ Mahmud, Faisal (3 Jun 2019). "Ramadan 'Qasida' songs all but lost". http://www.theindependentbd.com/printversion/details/202071.
- ↑ Jamil, Syed Maqsud (31 Aug 2012). "Once Upon a Time in Dacca". http://archive.thedailystar.net/magazine/2012/08/04/perceptions.htm.
- ↑ Mohsin, Maljha. "In the Curators' den". Chobi Mela.
- ↑ Khan, Arman R (22 Jan 2015). "Old Town Diaries Entry 1: Shakrain". https://www.thedailystar.net/entry-1-shakrain-527.
- ↑ "Shakrain: A jewel in the crown of Old Dhaka traditions". 14 Jan 2019. https://unb.com.bd/category/Special/shakrain-a-jewel-in-the-crown-of-old-dhaka-traditions/10572.
- ↑ سانچو:Cite Banglapedia
- ↑ Redclift, Victoria. "The socio-spatial contours of community". Statelessness and Citizenship: Camps and the Creation of Political Space. pp. 66–70.
- ↑ Alam, Shahid (21 Feb 2013). "Reflections on a contemporary phenomenon". https://www.thedailystar.net/news/reflections-on-a-contemporary-phenomenon.
- ↑ Bandopadhyay, Bhanu. "Atmokotha". Bhanu Samagra. pp. 17–20.
- ↑ Akhtar Imam (1988). Durer Chhaya. p. 7. https://books.google.com/books?id=Z44yAAAAIAAJ.
- ↑ سانچو:Cite Banglapedia
- ↑ سانچو:Cite Banglapedia
- ↑ Sirajul Islam (1992). History of Bangladesh, 1704-1971. Asiatic Society of Bangladesh. pp. 446–447.
- ↑ سانچو:Cite Banglapedia
- ↑ "New Drama serial " Tuntuni Villa" on Ekushey TV". 26 Oct 2008. https://www.thedailystar.net/news-detail-60307.
- ↑ "Eid films set to hit cinemas across country". 16 Jul 2015. http://www.theindependentbd.com/home/printnews/8165.
- ↑ Dewan, Shihan (17 Jul 2015). "Dhallywood Eid 2015". http://thedailynewnation.com/news/60146/dhallywood-eid-2015.html.