مواد ڏانھن هلو

ڌوتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄمون جي ٿيٽر ۾ ڊوگرا رقاص ڌوتي پھريل

ڌوتي ڌوتي پيرن جي مرن تائين پهتل ھڪ لنگوٽي جهڙو ڪپڙو آهي[1]، جيڪو چيلھ ۽ ٽنگن جي چوڌاري ويڙهيو ويندو آهي، ۽ شڪل ۾ پتلون سان مشابهت رکي ٿو[2][3][4]۔ ڌوتي ڀارت ۾ مردن جي قومي لباس مان هڪ آهي[5][6]۔ ڌوتي عام طور تي ان سبيل، مستطيل شڪل واري ڪپڙي مان تيار ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ڊيگهه اڪثر ڪري لڳ ڀڳ چار گز (تقريباً 3.7 ميٽر) هوندي آهي۔




ڌوتي پھريل برٽش انڊين فوج جا رنگروٽ

ڌوتي ساڙي جو مرداڻو مد مقابل لباس آهي، جيڪا عورتون مذهبي ۽ غير مذهبي تقريبن ۽ محفلن ۾ پائينديون آهن۔ پيتامبر زرد رنگ جي ريشمي ڌوتي کي چيو ويندو آهي، جيڪا خوش بختي ۽ مبارڪ موقعن تي پاتي ويندي آهي[7][8][9]. زرد رنگ جي ريشمي ڌوتي کي پيتامبر چيو ويندو آهي، جيڪا خوش بختي ۽ مبارڪ موقعن تي پاتي ويندي آهي[10][11]. جيتوڻيڪ مُنڊو يا ويشٽي لفظ اڪثر “ڌوتي” جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، پر اهي ڌوتي کان مختلف آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ ڌوتي کي ٽنگن جي چوڌاري ويڙهي، پتلون جهڙي شڪل ۾ ٻڌو ويندو آهي[12] [13] ڏکڻ ڀارت ۾ ڌوتي کي وڌيڪ پنجڪچم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ناچن دوران به پاتي ويندي آهي، جهڙوڪ مون واڪ جهڙا ناچ[14].ڌوتي ۽ لنگي انهيٰ معنيٰ ۾ خالص ڀارتي لباس آهن، جو انهن جو استعمال هن ملڪ ۾ قديم زماني کان ٿيندو اچي ٿو۔ البت، ڪپڙي کي چيلھ جي چوڌاري ويڙهڻ جو جيڪو ملندڙ جلندڙ طريقو آهي، اهو قديم مصر، ميسوپوٽيميا ۽ يونان ۾ به رائج نظر اچي ٿو، جيڪو انهن ملڪن جي قومي لباس ۽ ڀارت جي لباس وچ ۾ هڪ تاريخي لاڳاپي جو اشارو ڏئي ٿو۔ پر اڃا تائين يقين سان اهو نٿو چئي سگهجي ته ڌوتي ۽ لنگي کي ويڙهڻ جا اهي مخصوص طريقا اولهه کان ڀارت ۾ آيا، يا ان جي ابتڙ، ڀارت مان ميسوپوٽيميا، مصر ۽ يونان ڏانهن منتقل ٿيا[15].

  1. Singh, Amar; Rudolph, Lloyd I.; Kanota, Mohan Singh (2001). Reversing the Gaze: Amar Singh's Diary, a Colonial Subject's Narrative of Imperial India. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-565869-9.
  2. Life in Other Lands. Fideler. 1960. ص. 78. 3 January 2021 تي حاصل ڪيل. It is arranged to look like a pair of baggy trousers. This garment is called a dhoti and is usually made of cotton.
  3. Bhandari, Vandana (2005). Costume, Textiles and Jewellery [i.e. Jewelry] of India: Traditions in Rajasthan. Mercury Books. ص. 105. ISBN 9781904668893. 3 January 2021 تي حاصل ڪيل. One of the reasons for the dhoti's enduring popularity is its loose trouser - like form, which is convenient and extremely well - suited to the tropical Indian climate .
  4. K Parker, Lewis (1994). India. Rourke Book Company. ص. 14. ISBN 9781559160056. 3 January 2021 تي حاصل ڪيل. Boys and men often wear a dhoti. This is a piece of white cloth wound around the waist. Dhotis look like comfortable, baggy pants.
  5. "Indian Dhoti". Indian Mirror. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 29 July 2020 تي محفوظ ڪيل. 3 January 2021 تي حاصل ڪيل.
  6. Nayar, K P (2 May 1999). "Nepal Wakes Up to Dhoti Power". The Telegraph (India). 16 August 2024 تي حاصل ڪيل.
  7. Phd, Alloy S Ihuah (2 August 2012). Philosophy, Religion and Politics: Essays in Honour of Very Rev. Fr. Moses Orshio Adasu. Lulu.com. ISBN 978-1-300-01966-4.
  8. "City women get talking about dresscode in temples". The Times of India. 3 December 2016. اصل نسخو مان 14 January 2025 تي محفوظ ڪيل.
  9. Avasthi, Vivek (14 January 2020). "Sarees for women, dhoti for men: Officer's dress code for Kashi temple irks minister". The Federal (English ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 5 August 2020 تي محفوظ ڪيل. 3 January 2021 تي حاصل ڪيل.{{cite news}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  10. Henry, Baden Powell (1872). Hand-book of the Economic Products of the Punjab (etc.): Forming ... to the hand-book of the economic products of the Punjab (انگريزي ۾). Engineering College Press. ص. 65, 67.
  11. Birdwood, George Christopher Molesworth (1884). The Industrial Arts of India (انگريزي ۾). Chapman and Hall. ص. 363.
  12. "What is Veshti". Rhythm Dhotis. 2020.
  13. Dasgupta, Reshmi R. (15 May 2011). "Cocktail Conversations: Veshti Vs Dhoti". The Economic Times. اصل نسخو مان 12 November 2021 تي محفوظ ڪيل.
  14. "Dhoti dynamics". The Hindu. 25 June 2015. اصل نسخو مان 10 October 2024 تي محفوظ ڪيل.
  15. The History of Dress By Dr. Omar Rolf Baron Ehrenfels ; SINDH OBSERVER Selection from the Journal of Sindh Historical Society; page 292; Edited by: Dr.Mubarak Ali