ڌنارکٿوري
ڏيک
ڌنار کٿوري: نالا: ع.سيسبز، ف. نمام، هه. وغيره___ چال ڪر، قو ۽ زوله. ننڍو خوشبودار ٻوٽو جبل ۽ پوٺن تي ٿيندو آهي. هن جا پن سداب جي پنن جهڙا ٿين ٿا.
طب
[سنواريو]اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ___-، عيوض: ڪواڪني، وزن: ٽي ماسا. خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا، حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿي، معدي جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، سيني جي سور، معدي جي سور، جگر جي سوڄ، ٻرهل جي سوڄ، وڇونءَ جي ڏنگ، رحم جي سور ۽ مثاني جي پٿريءَ لاءِ مفيد آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو