ڌماچوڪڙي
ڏيک
ڌماچوڪڙي (Dhamachokri / Spiritual Dance) مان مراد راڳ يا گاني سان گڏ جهمر هڻڻ آهي. هي هڪ قسم جو روحاني ناچ آهي جيڪو سنڌ جي مختلف درگاهن تي عقيدت طور ڪيو ويندو آهي.
اهميت ۽ تاريخ
[سنواريو]سنڌ جي صوفي بزرگن جي آستانن تي هن ناچ جا مختلف نمونا ملن ٿا:
- حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاهه: حضرت سيد عبدالڪريم بلڙي واري (1538ع-1623ع) جي روضي تي هن قسم جو ناچ ٿيندو آهي، جنهن کي مقامي طور ”شينهن“ چيو ويندو آهي.
- ڀٽ شاھ تي ڌمال: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع-1752ع) جي درگاهه تي پڻ ”ڌمال“ جي صورت ۾ ڌماچوڪڙي لڳندي آهي. هن ۾ عقيدتمند شينهن جي گجڪار وانگر پنهنجي زبان مان ”هو هو“ جا لفظ ڪڍندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.