مواد ڏانھن هلو

ڌرتي جي حرارتي توانائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيسياوئلر جيوٿرمل پاور اسٽيشن، آئس لينڊ مان ٻاڦ اُڀرندي.
ڪيليفورنيا جي سالٽن سمنڊ جي ويجهو امپيريل ماٿري ارضياتي حرارت جو منصوبو

ڌرتيء جي حرارتي توانائي (Geothermal Energy) ڌرتيءَ جي مٽيائين پرت (Crust) مان نڪتل حرارتي توانائي آهي. ڌرتيء جي ٺهڻ دوران پيدا ٿيندڙ گرمي ۽ ڪيميائي عنصرن جي ٽٽ (Radioactive Decay) مان پيدا ٿيندڙ حرارت جو ميلاپ آهي. صفت، "جيوٿرمل" ٻن يوناني لفظن، "جي" (γῆ)، معنيٰ زمين ۽ "ٿرموس" (θερμός)، معنيٰ گرم، مان نڪتل آهي. ڌرتيء کان حاصل ٿيندڙ توانائي کي هزارين سالن کان حرارت جي ذريعن طور استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.

ڌرتيء جي حرارت (مثال طور گرم چشمن جو پاڻي استعمال ڪندي) کي قديم پٿر جي زماني سان غسل لاءِ ۽ رومن زماني کان وٺي گهرن جي حرارت لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. جيوٿرمل بجلي (ڌرتيء جي حرارتي توانائي مان بجلي پيدا ڪرڻ)، 20هين صدي کان استعمال ڪئي پئي وڃي. واء جي توانائي (Wind Power) ۽ شمسي توانائي جي خلاف، ارضياتي حرارت جا پلانٽ، ڪنهن موسمي حالت جي پرواهه نا ڪندي، مسلسل شرح تي بجلي پيدا ڪن ٿا. ڌرتي جا حرارتي وسيلا نظرياتي طور تي انسانيت جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ آهن. ارضياتي حرارتي توانائي جو گهڻو حصو ٽيڪٽونڪ پليٽن جي حدن جي ويجهي علائقن ۾ ٿئي ٿي.

1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن دوران (جيوتھرمل بجلي پيدا ڪرڻ جي) لاگت 25 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي.[1] تڪنالاجي جي ترقي لاگت کي گهٽائڻ جاري رکيو ۽ هن ڪري قابل تجديد وسيلن جي مقدار کي وڌايو. سال 2021ع ۾ آمريڪي توانائي کاتو اندازو لڳايو ته بجلي جي "اڄ ٺهيل پلانٽ" کان پيدا ٿيندڙ بجلي جي لاگت تقريباً 0.05 آمريڪي ڊالر في ڪلوواٽ-آور (Kwh) آهي.[2]

سال 2019ع ۾ سجي دنيا ۾ 13,900 ميگا واٽ جيوٿرمل بجلي موجود هئي.[3] سال 2010ع تائين اضافي 28 گيگا واٽ حرارت جي مقدار، پبلڪ جائن ۽ رهائشي عمارتن، اسپا غسل خانن، صنعتي عمل، ڊيسيلينيشن پلانٽ ۽ زرعي استعمال لاءِ فراهم ڪئي وئي. [4] سال 2019ع تائين هي صنعت تقريبن هڪ لک ماڻهن کي ملازمت ڏني.[5]

تاريخ

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Cothran, Helen (2002), Energy Alternatives, Greenhaven Press, ISBN 978-0737709049[صفحو گهربل]
  2. "Geothermal FAQs". Energy.gov (انگريزي ۾). 2021-06-25 تي حاصل ڪيل.
  3. "Renewables 2020: Global Status Report. Chapter 01; Global Overview" (انگريزي ۾). REN21. 2021-02-02 تي حاصل ڪيل.
  4. Fridleifsson, Ingvar B.; Bertani, Ruggero; Huenges, Ernst; Lund, John W.; Ragnarsson, Arni; Rybach, Ladislaus (2008-02-11). O. Hohmeyer and T. Trittin. ed. "The possible role and contribution of geothermal energy to the mitigation of climate change". IPCC Scoping Meeting on Renewable Energy Sources conference, Proceedings (Luebeck, Germany: The Intergovernmental Panel on Climate Change): 59–80. http://www.iea-gia.org/documents/FridleifssonetalIPCCGeothermalpaper2008FinalRybach20May08_000.pdf. Retrieved 2009-04-06. آرڪائيو ڪيا ويا 2010-03-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. "IRENA – Global geothermal workforce reaches 99,400 in 2019". Think GeoEnergy - Geothermal Energy News (آمريڪي انگريزي ۾). 2 October 2020. 2020-10-04 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Geothermal power سانچو:Electricity generation سانچو:Natural resources