ڌاڃورو:(انگريزي: Dhanjuro) ڍانڍي گاھ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي پاڙ ۾ گول، ڪارا ۽ خوشبودار داڻا ٿين ٿا، جيڪي ڏُٿ طور ڪم ايندا آهن. انهن داڻن کي خاص طرح تتر کوٽي کائيندا آهن. هيءَ گاهه سنڌ جي ڍنڍن ۾ به عام جام ٿيندو آهي.