ڊي. ايف. ملا

سر دينشا فردونجي مُلا سي آءِ اي (1868 – 26 اپريل 1934ع)،[2] جيڪي دينشاه مُلا جي نالي سان پڻ سڃاتا ويندا هئا، هڪ ڀارتي وڪيل، قانوني مصنف ۽ جج هئا۔ ڊي. ايف. مُلا بمبئي هاءِ ڪورٽ جا اٽارني-اٽ-لاءِ هئا، گورنمينٽ لا ڪاليج، بمبئي ۾ قانون جا پروفيسر رهيا، ۽ جُڊيشل ڪاميٽي آف دي پرِوي ڪائونسل، هندستان جا ميمبر پڻ هئا۔ هو 1868ع ۾ بمبئي ۾ واپارين جي هڪ خاندان ۾ پيدا ٿيا۔ پنهنجي ننڍپڻ ۽ نوجواني جا سال هن بورابازار ۾ موجود خانداني رهائش ”آن لوڪر مينشن“ ۾ گذاريا۔ گورنمينٽ لا ڪاليج مان قانون جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، هن 1892ع ۾ هڪ انگريز ساليسٽر سان آرٽيڪلڊ ڪلارڪ طور داخلا ورتي۔ 1895ع ۾ هن پنهنجي ڀاءُ اروچشا مُلا سان گڏ ”مُلا اينڊ مُلا“ نالي قانوني فرم قائم ڪئي۔ شروعاتي طور تي هنن ريڊي مني مينشن ۾ هڪ ننڍڙي آفيس مان ڪم شروع ڪيو، پوءِ 1898ع ۾ موجوده ”مُلا هائوس“ ۾ منتقل ٿيا۔ 1912ع ۾ مُلا اينڊ مُلا، پيٽِٽ خاندان کان مُلا هائوس خريد ڪيو۔ 1949ع ۾ هي فرم انگريز ساليسٽرن جي فرم ”ڪريگي بلنٽ اينڊ ڪارو“ سان ضم ٿي وئي، جيڪي بالارڊ اسٽيٽ مان ڪم ڪندا هئا ۽ بحري ۽ ايڊمرلٽي قانون ۾ مشهور عمل رکندڙ هئا۔ مُلا کي 5 اپريل 1930ع تي ”سر“ جو خطاب ڏنو ويو۔[3] ساڳئي سال 1930ع ۾، بادشاهه جارج پنجون جي دور ۾، کيس پرِوي ڪائونسلر مقرر ڪيو ويو[4] ۽ جنوري 1931ع کان جُڊيشل ڪاميٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳا۔[5] هو ”پولوڪز ڪامنٽريز آن انڊين ڪنٽريڪٽ ايڪٽ“ جا اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيا۔[6] جيتوڻيڪ هو زرتشتي مذهب سان تعلق رکندا هئا، پر هن شريعت قانون بابت پڻ لکيو۔[حوالو گهربل] سندس ڪتاب پرنسيپلز آف محمدن لا هڪ مشهور حنفي فقهي متن آهي، جيڪو ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اسلامي (شريعت) قانون جي لاڳو ٿيڻ بابت بحث ڪري ٿو۔[7]
تصنيفون
[سنواريو]- ڪمينٽريز آن ڪوڊ آف سول پروسيجر
- جيورسڊڪشن آف ڪورٽس ان دي ميٽرس رليٽنگ ٽو رائيٽس اينڊ پاورس آف ڪيسز(Jurisdiction of Courts in the matters relating to rights and power of cases)
- دي لا آف انسالونسي ان برٽش انڊيا
- پرنسيلپز آف محمدن لا. 1905. OCLC 35765.
- پرنسيلپز آف ھندو لا. 1912. OCLC 16519845.)
- انڊين ڪانٽريڪٽ ايڪٽ
- ھندو لا ريليٽز ٽو رليجيس اينڊ چيريٽبل ٽرسٽ (Hindu Law relates to religious and charitable trust)
- دي رجسٽريشن ايڪٽ
- دي ڪي ٽو انڊين پريڪٽس (The Key to Indian Practice)
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Lincoln's Inn Great Hall, Ec10 Mulla, D". Baz Manning. Retrieved 14 June 2022.
- ↑ "Sir Dinshah Fardunji Mulla - Person - National Portrait Gallery". National Portrait Gallery, London. Retrieved 2021-03-29.
- ↑ "نمبر 33595". The لنڊن Gazette. 8 April 1930. p. 2251.
- ↑ "نمبر 33671". The لنڊن Gazette. 19 December 1930. p. 8141.
- ↑ "نمبر 33680". The لنڊن Gazette. 13 January 1931. p. 299.
- ↑ Pollock, Frederick; India. Indian Contract Act; Mulla, Dinshah Fardunji (1909). The Indian contract act : with a commentary, critical and explanatory. London : Sweet & Maxwell. https://archive.org/details/indiancontractac00polliala. Retrieved 2016-12-02.
- ↑ "Islamic Law: Personal Law - Dictionary definition of Islamic Law: Personal Law | Encyclopedia.com: FREE online dictionary". www.encyclopedia.com. Retrieved 2 December 2016.