ڊربن
ڊربن Durban | |||
|---|---|---|---|
ڊربن بيچ، "گولڊن ميل" ڊربن سٽي هال يوشاڪا مئرين ورلڊ انڪوسي البرٽ لٿولي انٽرنيشنل ڪنوينشن سينٽر | |||
| |||
| Coordinates: 29°53′S 31°03′E / 29.883°S 31.050°E | |||
| ملڪ | |||
| صوبو | ڪوازولو-نيٽال | ||
| ضلعو | ايٿيڪويني | ||
| ميونسپلٽي | ايٿيڪويني | ||
| قيام | آگسٽ 24, 1824[1] | ||
| قائم ڪندڙ | بنجمن ڊي اربان | ||
| آبادي (شهري) | 5,95,061 (2011ع) | ||
| حڪومت | |||
| • طرز | ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي | ||
| • باڊي | شهري حڪومت | ||
| • ميئر | سائرل زهابا ( (ANC)) | ||
| • ڊپٽي ميئر | زئنڊيلي مائيني | ||
| ايراضي | |||
| • شهر | 225.91 چورس ڪلوميٽر (87.22 چورس ميل) | ||
| آبادي (2011ع)[2] | |||
| • ڪل | 595061 | ||
| • درجو | سانچو:UBL | ||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | ||
| • ميٽرو | 4239901 | ||
| • ميٽرو ڪثافت | auto | ||
| رهاڪو نالو | Durbanite[4] | ||
| Racial makeup (2011) | |||
| First languages (2011) | |||
| • English | 49.8% | ||
| • Zulu | 33.1% | ||
| • Xhosa | 5.9% | ||
| • Afrikaans | 3.6% | ||
| • Other | 7.6% | ||
| وقتي علائقو | UTC+2 (SAST) | ||
| Postal code (street) | 4001[5] | ||
| PO box | 4000 | ||
| Area code | 031 | ||
| GDP | US$ 83.9 billion[6] | ||
| GDP per capita | US$ 16,575[6] | ||
ڊربن (انگريزي:Durban؛ زولو: eThekwini؛ جيڪا پاڻ هڪ بئي زولو لفظ، itheku مان نڪتل آهي، جن جا معنيٰ، "نار يا لاگون" آهي)، ڏکڻ آفريڪا جو، جوهانسبرگ ۽ ڪيپ ٽائون کان پوءِ ٽيون نمبر تي سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ۽ ڪوازولو-نيٽال صوبي جو سڀ کان وڏو شهر آهي.
هندي سمنڊ جي نٽال نار تي، ڏکڻ آفريڪا جي اوڀر ساحل تي، ڊربن آفريڪا جي ذيلي صحارا علائقي ۾ سڀ کان مصروف بندرگاهه شهر آهي ۽ ان جو اڳ ۾ نالو پورٽ نٽال هو. بندرگاهه ۽ شهر جي مرڪز جي اتر ۾ امگيني نديءَ جو مُنهن آهي. هموار شهر جو مرڪز اولهه ۾ بيريا جي ٽڪرين تائين وڌي ٿو ۽ ڏکڻ ۾ ساحل سان گڏ هلندڙ علائقي جو نالو "بلف" آهي.
ڊربن ايٿيڪويني جي وڏي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي، جيڪا 2,556 چورس ڪلوميٽر (987 چورس ميل) جي ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ سال 2022ع ۾ ان جي آبادي 42 لک (4.2 ملين) هئي، جيڪي هن کي هندي سمنڊ تي آفريڪا جي سڀ کان وڏين ميٽروپوليٽن آبادين مان هڪ بڻائي ٿي، جو مرڪز آهي. شهري حدن ۾ سال 2011ع ۾ ڊربن جي آبادي 5,95,061 هئي. شهر جي آبهوا، اونهاري ۾ گرم ۽ نم ۽ سياري ۾ هلڪي، خشڪ سياري سان، نمي واري آهي.[7]
ڊريڪنسبرگ جبلن مان آثار قديمه جا ثبوت ظاهر ڪن ٿا ته هي علائقو هزارين سال اڳ چارو گڏ ڪندڙن طرفان آباد هو. پوء اينگوني ماڻهو هن علائقي تي قبضو ڪيا. سال 1497ع جي ڪرسمس دوران، پرتگالي جهازي، واسڪو ڊي گاما ساحل ڏٺو ۽ ان کي نٽال جو نالو ڏنو، جيڪو ڪرسمس لاءِ پرتگالي لفظ آهي. سال 1824ع ۾، ڪيپ ٽائون جي انگريزي واپارين، فرانسس فيئرويل ۽ هينري فين جي اڳواڻي ۾، پورٽ نٽال ۾ هڪ واپاري پوسٽ قائم ڪئي ۽ هڪ سال پوء، زولو بادشاهه، شاڪا، انهن کي نار جي چوڌاري زمين ڏني.
سال 1835ع ۾، آباديءَ جو نالو سر بينجمن ڊي اربان جي نالي تي رکيو ويو، جيڪو ان وقت ڪيپ ڪالوني جو گورنر هو. اها سال 1854ع ۾ هڪ بورو بڻجي ويو ۽ سال 1860ع کان پوءِ، برطانوي هندستان کان ڪانٽريڪٽ مزدور ۽ ٻيا عام هندستاني ڊربن ۾ پهتا. نٽال ڪالوني، جيڪا ڦهلجي وئي هئي، 1910ع ۾ ڏکڻ آفريڪا جي يونين جو هڪ صوبو بڻجي وئي ۽ ڊربن کي 1935ع ۾ شهر جو درجو ڏنو ويو.[8]
ڊربن ۾، وڏي زولو، انڊين، اڇي ۽ رنگين آبادي سان، هڪ قيمتي ۽ رنگارنگ ورثو موجود آهي. تاريخي طور تي، اهو پنهنجي ساحلن ۽ گرم معتدل آبهوا جي ڪري مقامي طور تي هڪ مشهور سياحتي مقام هو،[9] پر تازن سالن ۾، سياحت ۾ گهٽتائي آئي آهي.[10] [11] ڪجهه خاص جڳهن ۾ گولڊن ميل بيچ، نباتاتي باغ، آرٽ گيلري ۽ سٽي هال ۾ فطري سائنس جو عجائب گهر، ٽيوڊر طرز جو ٿيٽر، يوشاڪا مئرين ورلڊ ۽ يوشاڪا انٽرنيشنل ڪنوينشن سينٽر آهن.
مختلف آرڪيٽيڪچرل اندازن، وڪٽورين کان وٺي همعصر تائين، کانسواء آرٽ ڊيڪو ڊربن جي ڪيترين ئي عمارتن تي پنهنجا اثرات ڇڏيو آهي.[12] سال 2018ع تائين، ميٽرو علائقو، صوبائي ۽ قومي مجموعي گھربل پيداوار (GDP) ۾ ترتيب وار %59.9 ۽ %9.6حصو ڏنو، جن ۾ مکيه شعبا ماليات، ڪميونٽي سروسون، صنعتون، واپار، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت هئا.[13] ڊربن سال 2010ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزبان شهرن مان هڪ هو، جن لاءِ موسز مڀيدا اسٽيڊيم ٺاهيو ويو هو.[14] اهو آفريڪا ۾ يونيسڪو جو پهريون "ادب جو شهر" آهي.[15]
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Robson, Linda Gillian (2011). "Annexure A" (PDF). The Royal Engineers and settlement planning in the Cape Colony 1806–1872: Approach, methodology and impact (PhD thesis). University of Pretoria. ص. xlv–lii. hdl:2263/26503. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 26 March 2023 تي محفوظ ڪيل. 13 November 2022 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 "Main Place Durban". Census 2011. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 19 November 2015 تي محفوظ ڪيل. 10 December 2015 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Census 2022: Provinces at a Glance (PDF). Statistics South Africa. 2023. ص. 25, 61. ISBN 978-0-621-51559-6. محفوظ ڪيل (PDF) مان اصل نسخي کان 29 February 2024 تي محفوظ ڪيل. 18 March 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ McCracken, Donal P.; Eileen M. McCracken (1988). Annals of Kirstenbosch Botanic Gardens. National Botanic Gardens. ص. 72. ISBN 9780620116480. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 21 May 2024 تي محفوظ ڪيل. 30 June 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Domestic postal code list". Post Office South Africa. 29 May 2024 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Global city GDP 2014". Brookings Institution. اصل نسخو مان 5 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 18 November 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Roberts, Debra; O'Donoghue, Sean (2013). "Urban environmental challenges and climate change action in Durban, South Africa". Environment and Urbanization 25 (2): 299–319. doi:.
- ↑ "Durban Timeline 1497-1990". South African History Online. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2 March 2024 تي محفوظ ڪيل. 12 March 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Maharaj, Brij; Pillay, Vino; Sucheran, Reshma (2008). "Durban - A subtropical coastal paradise? Tourism dynamics in a post-apartheid city". Études caribéennes (9–10). doi:. https://journals.openedition.org/etudescaribeennes/1192?lang=en. Retrieved 15 March 2024.
- ↑ Sikhakhane, Naledi (4 January 2024). "Durban tourism still limping following lacklustre holiday season while KZN overall sees uptick". Daily Maverick. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 15 March 2024 تي محفوظ ڪيل. 15 March 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Dludla, Siphelele (24 September 2023). "Durban can wave tourism goodbye if it doesn't get its act together fast". Independent Online. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 15 March 2024 تي محفوظ ڪيل. 15 March 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Munro, Kathy (3 December 2019). "Art Deco Durban". The Heritage Portal. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 April 2024 تي محفوظ ڪيل. 1 April 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "About EThekwini". EThekwini Municipality. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 March 2024 تي محفوظ ڪيل. 30 March 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Bason, Tom; Cook, David; Anagnostopoulos, Christos (2015). "Legacy in major sport events: empirical insights from the 2010 FIFA World Cup in South Africa". Choregia 11 (1): 44–61. doi:. ISSN 1791-4027. https://irep.ntu.ac.uk/id/eprint/34940/. Retrieved 26 April 2024.
- ↑ David, Darryl; Meyer, Naomi (1 November 2017). "Durban first city on the African continent to become a Unesco World City of Literature". LitNet. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 15 March 2024 تي محفوظ ڪيل. 15 March 2024 تي حاصل ڪيل.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Articles containing Zulu-language text
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no map
- ڊربن
- ڏکڻ آفريڪا
- ڏکڻ آفريڪا ۾ شهر