هرچند رائي لکاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هرچند رائيَ 15 سيپٽمبر 1915ع ۾ عمرڪوٽ ۾ پرائمري اُستاد گردهاري لال جي گهر ۾ پيدا ٿيو.

سوانح[سنواريو]

ڊاڪٽر هرچند رائيَ (Dr. Harchand Rai) ٿرپارڪر جي سوٽهڙ برادريءَ مان هو. هرچند رائي جو پُٽ مهيندر ديو مطابق هرچند 1940ع ۾ ممبئيءَ مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان زماني ۾ ٿر ۾ مختلف بيماريون عام هيون ۽ ڊاڪٽر نه هئڻ جي برابر هئا. ان وقت ڊاڪٽر هرچند نه رڳو دل سان ماڻهن جي خدمت ڪئي, پر غريبن جو مفت علاج به ڪيو.

ڊاڪٽر هرچند ڪجهه وقت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري نوڪري به ڪئي، پر پنهنجي علائقي ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ جي سبب نوڪري ڇڏي غريبن جي خدمت ۾ لڳي ويو. سندس ويجهي ساٿي ڊاڪٽر پرڌان روپاڻيءَ ٻڌيو ته ٿر پارڪر جي ڏورانهن علائقن مان اچڻ وارن غريب مريضن جو هو نه رڳو بنا ڪنهن ڌرمي متڀيد جي علاج ڪندو هئو، پر پنهنجي هڙان وڙان انهن کي ماني پڻ کارائيندو هو. 1987ع ۾ عمر ڪوٽ ۾ هڪ فلاحي اينٽي ٽي بي سينٽر ٺاهي عريبن جو مفت علاج ڪيائين. اينٽي ٽي بي ايسوسي ايشن، عمر ڪوٽ جي هاڻوڪي صدر ڊاڪٽر سفيع محمد بجير ٻڌائي ٿو ته، ڊاڪٽر هرچند ۾ لالچ نالي جي ڪا شئي ڪو نه هئي. هو انساني خدمت کي عبادت سمجهندو هو.

عمر ڪوٽ جي صحافي الياس ٿريءَ، ڊاڪٽر هر چند جا ٿانوَ، رليون ۽ ٻيو سامان ائين سنڀالي رکيو آهي، جيئن دنيا جي ميوزيمن ۾ سنڀالي رکيو ويندو آهي.

ڊاڪٽر هرچند رائي سماجي ۽ ثقافتي خدمتن سان گڏوگڏ سياست ۾ به سرگرم رهيو. لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ هو ٽي ڀيرا جنرل ڪائونسلر ۽ هڪ ڀيرو ميونسپل جو چيئرمين پڻ چونڊيو ويو. هن ٻه ڀيرا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ (1970 ۽ 1985) ۾ چونڊ وڙهي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

هرچند رائي پاڪستان جي هندو برادريءَ جو پهريون فرد هو، جنهن کي سندس سماجي ۽ ثقافتي خدمتن جي عيوض صدارتي ايوارڊ ”تمغه امتياز“ پڻ ڏنو ويو هو. ان کان سواءِ به هن پنهنجي سماجي، ٽقافتي، رواداري ۽ انسانيت جي خدمت ڪَرڻ تي لڳ ڀڳ 40 مختلف ايوارڊ پڻ ماڻيا.

ڊاڪٽر هرچند رائيَ تي سندس ڪيل سماجي خدمتن جي حوالي سان ”ڊاڪٽر هرچند رائي - انمول انسان جي اَمر ڪٿا“ سان هڪ ڪتاب پڻ ڇپجي چڪو آهي.

ديهانت[سنواريو]

ڊاڪٽر هرچند رائيَ 4 مارچ 2013ع تي ديهانت ڪري ويو.[1]


حوالا[سنواريو]