الهداد ٻوهيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الهداد ٻوهيو
معلومات شخصيت
ڄم 8 آگسٽ 1934   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
لاڙڪاڻو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت 16 جُولاءِ 1994 (60 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو ليکڪ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي سنڌي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو (انگريزي:Dr. AllahDad Bohyo) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم ۽ اديب هو. سندس ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.

جنم[سنواريو]

الهداد ٻوهيو 8 آگسٽ، 1934ع ۾ تعلقي وارھ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو. ايم.اي ۽ بي.ٽي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين.

سوانح حيات[سنواريو]

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو مشهور اديب، نقاد، دانشور، تعليمدان ۽ ماهر لسانيات هو. تنقيد ۽ لسانيات جي ميدان ۾ مثالي خدمتن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ وقار نمايان نظر ايندو هو. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي، آخر ڊائريڪٽر ايڄوڪيشن جي عهدي تي پهتو. پنهنجي پوري ڄمار علم ادب جي واڌاري لاءِ وقف ڪيائين. ”تحقيق“ سندس پسنديده موضوع رهيو. 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين، سندس گائيڊ ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ هيءُ مقالو سنڌالاجيءَ طرفان سال 1987ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. سنڌ ۾ سماجي لسانيات جي موضوع تي هي پهريون پي ايڇ. ڊي هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’-تنقيدون-‘ (1980ع)، ’ادب جا فڪري محرڪ‘ (1984ع) ۽ ’علم تحقيق‘ (1990ع) اهم آهن. جڏهن تہ سندس اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ڪالم مشهور رسالن ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين زندگي‘، ’ساڃاهه‘، ’پارس‘، ’باک‘ ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. سندس تحريرن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ٻوهيي جون تحريرون“ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي. تازو ٻوليءَ تي سندس مقالن جو ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جيڪو آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏنو آهي. پاڻ 16 جولاءِ 1994ع تي ٽنڊي آدم ۾ هڪ تعليمي سيمينار ۾ خطاب ڪندي، دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. encyclopediasindhiana.org
  2. "محقق، نقاد ۽ تعليمدان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-07-15.