ڇڪڻ
ڏيک
ڇڪڻ: نالا: ع. ڪندش، ف. عطاس، هه. وغيره___ نڪ ڇڪني، سوطن، عدامل ۽ بيخ ڪازران. ننڍا پن سڪل سبزاڻي تي ٿيندا آهن.
طب
[سنواريو]اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ڦڦڙن کي ۽ غشي پيدا ڪري، ميل: ڪتيرو، عيوض: ميڻ ڦل، وزن: ٽن رتين کان هڪ ماسو. خاصيت: هن کي ڪٽي ناس ڪرائجي ته مٿي جي سور، فالـج، لقوي ۽ دماغ جي رطوبت کي سڪائڻ لاءِ نزلي، مرگهي، نڪ جي بدبوءِ ۽ نڪ جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. هن کي تيل بابونا ۾ ڪاڙهي تيار ڪجي، اهو تيل ڪن جي سور ۽ ٻوڙاڻ ۾ فائدو ڪري. ٻرهل، حمل ڪيرائڻ ۽ مثاني جي بيمارين کي فائدو ڪري ٿو، تريءَ جي سختي هٽي ٿي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو