مواد ڏانھن هلو

ڇينڀڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇينڀِڙو ٻن قسمن جو آھي. ٻہ ڪاٺيون مُني مُني فوٽ جيڏيون، جن مان هر هڪ جو هڪ ڇپيڙو ڇهنبيارو هوندو آهي. هڪ ٻئي مٿان کُليل ڪئنچي وانگر کي، وچ ۾ ڌاڳي سان قابو ڪري، ڪاٺيون نڪ تي اهڙيءَ طرح رکندا جيئن ٻئي چُهنبون سامهون بيهن. پوءِ ٻنهي ڪاٺين جي پوئين ڇيڙي ۾ ڌاڳا ٻڌي ورائي ڪِياڙيءَ تي قابو ڪبا، ۽ هڪ ڌاڳي جو وراڪو ڄاڙيءَ جي هيٺان ڏيئي ڇڏيندا.

ٻيو نمونو ڪاٺي چپڙي تيار ڪري، بُولي وانگر ٺاهي نڪ ۾ اٽڪائي ڇڏين. اهي ٻئي نمونا اهڙيءَ طرح ٺهيل هوندا آهن، جو ڦر کي گاھ چرڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانہ ٿئي. پر جي ڳڍيءَ کي ڌائيندو، تہ پهرئين حالت ۾ ڪاٺيءَ جون چُهنبون ۽ ٻيءَ حالت ۾ ڪاٺي ٽڪر اوھ ۾ لڳندا جنهنڪري ڍڳي ڌائڻ ڪانہ ڏينديس.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.