ڇوھارا
ڏيک
ڇوهارا (نالا: ع. قسب، ف. خرماءِ شڪشڪن، ھ. وغيره ڇوهارا، مقلقل، برقوم ۽ خرماخوڪ.) هي کجين جا سڪل داڻا، ڊگها ڀوري رنگ تي مٺا ۽ لذيذ ٿيندا آهن، سڪايل کجور.
طب
[سنواريو]ھن جو اثر: گرم تر 2، نقصان: مٿي جي سور ۽ گرم مزاجن کي ڏي، ميل: بادامي ۽ ڏاڙهون، عيوض: ڊاک ڪاري، وزن: اٺ عدد. خاصيت: معدي کي تقويت ڏين ٿا، دماغ ۽ سيني جي رطوبت کي هٽائين ٿا، جگر جي سور، سيني ۽ اندرين پردن مان ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مفيد آهن. هنن کي بڙ جي کير ۾ پچائي کائيندو تہ قوت باھ وڌائيندا ۽ منيءَ کي گهاٽو ڪندا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.