ڇند وديا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇَند وِديا (Hindi Prosody) هندي يا سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وزن جي علم کي ڇنڊ وديا چئبو. هيءُ شاعري ۾ موسيقي آڌارڻ جو علم آهي. ”هندي ڇند وديا“ ۾ دوها ڇند، سورٺا ڇند ۽ ٻيا ڪيترا ڇند ٿيندا آهن. ”دوها ڇند“ ٻن مصرعن تي مشتمل آهي. هر هڪ سٽ ۾ ٻہ پد يا چرڻ ٿين . پھرئين پد ۾ 13 ۽ ٻئي پد ۾11 ماترائون ٿينديون آهن. ’سورٺا ڇند‘ اصل ۾ ابتو دوهو آهي، جنھن ۾ قافيي وارين ماترائن (11) جون بند وچ ۾ ايندو آهي، ۽ ٻيو پد (13 ماترائن وارو) سٽ جي آخر ۾ ايندو آهي.”دوها - سورٺا ڇند“جديد شاعرن مٿين ڇند وديا جي اصولن ۾ ڀڃ گهڙ ڪري هڪ سٽ دوهي جي تہ ٻئي وري سورٺي جي ڪتب آندي آهي. ان کي دوها سورٺا ڇند چئبو آهي. ڇند جا ٻيا بہ کوڙ قسم آهن. ڇند وديا شاعريءَ جي مخصوص وزن جي نظام (Prosodic System)کي چئبو آهي؛ جيڪو ان ۾ موسيقيت ۽ نغمگي پيدا ڪري ٿو، ان ڪري شعر ٻڌڻ وقت متاثر ڪري ٿو. هن علم ۾ اهي سڀ اصول، قاعدا، قانون اچي وڃن ٿا، جيڪي قديم دؤر کان هندي شاعريءَ ۾ هلندڙ آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "ڇند وديا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-25.