ڇلڙو
ڇلڙو __(Chhalro):
’ڇلو‘ هٿ جو زيور آهي، جيڪو ڪهڙي به آڱر ۾ پائي سگھجي ٿو، پر خصوصاًعورت چيچ ۾ پائيندي آهي. ڇلو لوهه، پتل، ٽامي، چاندي، ۽ سون جو ٿيندو آهي. دوست هڪٻئي کي سوکڙيءَ طور ڇلو ڏيندا آهن، پر ٻهراڙيءَ ۾ اڃا تائين ’ڇلي‘ کي نينهن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو. ڇلو = هندي ڇلا، سن. ڇَل=منڊيءَ جو قسم لوڪ شاعريءَ ۾ جانب جي جدائيءَ ۾ ڇلو ئي روح ريجھائيندڙ ۽ تسڪين قلب ڏيندڙ چيز آهي. ڇلڙو اهو گيت، جنهن ۾ ڇلي جو ذڪر هجي.مفهوم جي خيال کان شعر ۾ محبت جون ميارون، قرب جون پچارون ۽ نوري نشانيون ڄاتو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ٿلهه کان علاوه هر مصرع ڏيڍ سٽي به ٿئي ٿي.”ڇلي“ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: ائي منهنجو ڇلڙو ڙي ڪري پيو کوهه ۾ ڙي کوهه جي نار ۾ ڙي لوٽن مان ٿي وريو ادي منهنجو ڇلڙو - ”ڀلا يار جاني! آهيان تنهنجي ٻانهي، ڇلا روڙي روڙي ، ڪم قادر جوڙي، لکيو ڪونه موڙي. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي