مواد ڏانھن هلو

چڪي (ميوو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چڪي:

نالا: هندي - ڪـَـٺل، فارسي - چڪي، انگريزي - (Jack Fruit). سڃاڻپ: هي هڪ وڏي وڻ جو ميوو چيو وڃي ٿو، جو هڪ سير کان هڪ مڻ تائين ڳورو هوندو آهي. پاڙ جي ويجهو جيترو هوندو اوترو وڌيڪ مٺو ۽ مزيدار ٿئي ٿو. رنگ ۾ ٻاهران سائو، اندران هيڊو، ذائقي ۾ مٺو ٿئي ٿو. مزاج: گرم 2، خشڪ 1 درجي ۾. پيدائش: يو پي، بهار ۽ بنگال ۾ ٿيندو آهي. خاصيت: هي ڪچي حالت ۾ ترڪاريءَ جئان کاڌو وڃي ٿو ۽ پڪل، مئدي جئان ڪتب آڻيندا آهن. بادي ۽ دير هضم ٿئي ٿو. هن جو مربو ۽ حلوو ڪارآمد ۽ لذيذ چيو وڃي ٿو.[1]،

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو