چڪنو گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چڪنو وڻ (انگريزي: Indian Bulter Tree) انب جهڙو هڪ وڏو وڻ آهي. ھن جا گل ڇڻي پوڻ کان پوءِ ڊاک جئان ٿي پون ٿا. هنن کي شراب بنائڻ جي ڪم آندو وڃي ٿو. رنگ ۾ گل اڇا ۽ ڦر هيڊو، ذائقو شيرين.

طب[سنواريو]

مزاج: گرم خشڪ ٻي درجي ۾ ٿئي ٿو.

قوت باھ ۽ مني زياده ڪندڙ آهي، زالن جي ٿڃ وڌائڻ، عام ڪمزوري هٽائڻ ۽ ضعف باھ جي عارضي ۾ ڪم اچن ٿا، هنن جو شراب مقوي ۽ مشتهي ٿئي ٿو. هن جي ٻجن مان تيل نڪرندو آهي. جو صنعت جي ڪم اچي ٿو، ۽ سنڌن جو سور وڃائيندو آهي. سڪل گلن جي ٽڪور سان مثاني جي سوڄ (Cystitis) لهي وڃي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ا يڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.