چپڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چپڙ يا متيرو هي تمام ننڍڙو ٿيندو آهي. ڪڙو به ٿيندو آهي ۽ مٺو به ٿيندو آهي. مٺا چڀڙ ماڻهو ڪچا به کائيندا آهن. اڪثر ڀاڄيءَ وانگي ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. بعضي اڌ ڪري سڪائي ڪچريون ڪري رکندا آهن، پوءِ ٻيا ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. هي گهڻو ڪري پوکڻ کان سواءِ ٻنين ۾ پاڻهي ٿيندا آهن. اهي سڀ سانوڻ ۾ پوکبا آهن ۽ سياري ۾ کائبا آهن.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. ثمرهِ الدرب، ف. چراس، هه. وغيره___ ڪچري ۽ عڪرس. اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: دير هضم، ميل: لوڻ، عيوض: ___-، وزن: ٻه چار داڻا. سڃاڻپ: هي ول جو ڦر آهي جو گول ۽ ڊگهو چٽڪمري رنگ جو ٿيندو آهي. خاصيت: هن کي گوشت سان گڏي، رڌي کائجي ته معدي کي طاقت ڏيندو، دماغ جي رطوبت کي خشڪ ڪندو، هن جي ول گهوٽي سورن ۽ سوڄن جي جاين تي ٻڌجي ته مفيد آهي.[2]،

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو