چٽاگانگ
چٽاگانگ চট্টগ্রাম (بنگالي) চিটাং (چاٽگامي) چٽوگرام | |
|---|---|
| Chittagong Port City Queen of the East[1] Commercial Capital of Bangladesh Land of twelve Sufi saints | |
چٽاگانگ جنگي قبرستان فوئز ڍنڍ پاٽينگا جمبوري پارڪ ڪرناڦلي شاهه امانت برج | |
| Coordinates: 22°20′06″N 91°49′57″E / 22.33500°N 91.83250°E | |
| ملڪ | |
| ڊويزن | چٽاگانگ ڊويزن |
| ضلعو | چٽاگانگ ضلعو |
| قيام | 1340 |
| وڏي شهر جو درجو | 1863[2] |
| حڪومت | |
| • طرز | ميئر-ڪائونسل |
| • باڊي | چٽوگرام سٽي ڪارپوريشن |
| • ميئر | شهادت حسين (BNP) |
| • سٽي ڪائونسل | 41 وارڊ |
| • پارليامينٽ | 6 تڪ |
| ايراضي | |
| • ميٽروپوليٽن شهر | 168.07 چورس ڪلوميٽر (64.89 چورس ميل) |
| • شھري | 302.11 چورس ڪلوميٽر (116.65 چورس ميل) |
| آبادي (2022) | |
| • ڪل | 3230507[4] |
| • شهري | 5253312[5] |
| • شهري ڪثافت | auto |
| • ميٽرو | 5653000[6] |
| • ميٽرو ڪثافت | auto |
| رهاڪو نالو | Chittagonian, Sitainga, Chatgaiya |
| Languages | |
| وقتي علائقو | UTC+6 (BST) |
| پوسٽل ڪوڊ | 4000, 4100, 42xx |
| ڊائلنگ ڪوڍ | +880 31 |
| UN/LOCODE | BD CGP |
| GDP [7] | PPP Nominal |
| HDI (2023) | 0.695 medium · 8th of 22 |
| Police | Chattogram Metropolitan Police |
| International Airport | Shah Amanat International Airport |
| Metropolitan Planning Authority | Chattogram Development Authority |
| Water Supply and Sewerage Authority | Chattogram WASA |
| ويب سائيٽ | ccc.gov.bd |
چٽاگانگ (Chittagong)[8] سرڪاري طور تي چٽوگرام (بنگالي: চট্টগ্রাম) بنگلاديش جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ چٽاگانگ بندرگاهه جو گھر آهي. اهو بنگلاديش ۽ بنگال جي نار ۾ مصروف ترين بندرگاهه آهي. شهر بنگلاديش جو ڪاروباري گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. اهو ساڳي نالي واري ڊويزن ۽ ضلعي جو انتظامي مرڪز آهي. شهر چٽاگانگ هل ٽريڪ ۽ بنگال جي نار وچ ۾ ڪرنافلي نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. سال 2022ع ۾، بنگلاديش جي حڪومت پاران ڪيل مردم شماري موجب چٽاگانگ ضلعي جي آبادي لڳ ڀڳ 92 لک هئي.[9] سال 2022ع ۾، ميٽروپوليٽن علائقي جي آبادي 56 لک کان وڌيڪ هئي.[10] شهر ڪيترن ئي وڏن مقامي ڪاروبارن جو گھر آهي ۽ بنگلاديشي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
دنيا جي قديم ترين بندرگاهن مان هڪ، جنهن ۾ صديون تائين هڪ فعال قدرتي لنگر (Harbour) موجود آهي،[11] چٽاگانگ قديم يوناني ۽ رومن نقشن، جنهن ۾ بطليموس جي دنيا جي نقشو به شامل آهي، تي ظاهر ٿيو آهي. اهو ريشم روڊ جي ڏاکڻي شاخ تي واقع هو. 9هين صدي ۾، عباسي خلافت جا واپاري چٽاگانگ ۾ هڪ واپاري پوسٽ قائم ڪيا.[12] 14 صدي دوران بندرگاهه بنگال جي مسلمانن جي ھٿن فتح ۾ مسلمانن جي قبضي هيٺ اچي وئي. اهو دهلي سلطنت، بنگال سلطنت ۽ مغل سلطنت جي تحت هڪ شاهي ٽڪسال جو هنڌ هو. [13] چٽاگانگ 15هين ۽ 17 هين صدي جي وچ ۾، اراکان، بنگال جي نار جي اوڀر ساحل سان زمين جي هڪ تنگ پٽي، جيڪي 350 سالن تائين مضبوط بنگالي اثر هيٺ هئي، جو انتظامي، ادبي، تجارتي ۽ سامونڊي سرگرمين جو مرڪز پڻ هو . 16هين صدي دوران، بندرگاهه هڪ پرتگالي واپاري پوسٽ بڻجي وئي ۽ پرتگالي ليکڪ، جواؤ ڊي باروس ان کي "بنگال جي بادشاهت جي سڀ کان مشهور ۽ امير شهر" طور بيان ڪيو آهي. [14] مغل سلطنت سال 1666ع ۾ پرتگالين ۽ اراڪانين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
بنگال جي نواب 1793ع ۾ بندرگاهه کي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حوالي ڪري ڇڏيو. چٽاگانگ جي بندرگاهه کي 1887ع ۾ ٻيهر منظم ڪيو ويو ۽ ان جا مصروف ترين شپنگ رابطا برطانوي برما سان هئا. 1928ع ۾، چٽاگانگ کي برطانوي هندستان جي "وڏي بندرگاهه" قرار ڏنو ويو. ٻي مهاڀاري جنگ دوران، چٽاگانگ، برما مهم ۾ مصروف اتحادي فوجن جو هيڊ ڪوارٽر هو. بندرگاهه شهر 1940ع جي ڏهاڪي دوران، خاص طور تي برطانوي هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ، تيزي سان وڌڻ شروع ڪيو. شهر آسام بنگال ريلوي ۽ پاڪستان ايسٽرن ريلوي جو تاريخي ٽرمينس هو. سال 1971ع ۾ بنگلاديش جي آزادي جي جنگ دوران، چٽاگانگ بنگلاديش جي آزادي جي اعلان جو هنڌ هو. بندرگاهه شهر بنگلاديش ۾ ڳري صنعت، رسد ۽ پيداوار جي واڌ مان فائدو حاصل ڪيو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي دوران ٽريڊ يونينزم مضبوط هو.
چٽاگانگ بنگلاديش جي مجموعي گهريلو پيداوار (GDP) جو %12 حصو ڏئي ٿو. جنهن ۾ صنعتي پيداوار جو %40، بين الاقوامي واپار جو %80 ۽ ٽيڪس آمدني جو %50 شامل آهي. بندرگاهه شهر ملڪ جي ڪيترين ئي پراڻين ۽ وڏين ڪمپنين جو گهر آهي. چٽاگانگ جي بندرگاهه ڏکڻ ايشيا جي مصروف ترين بندرگاهن مان هڪ آهي. بنگلاديش جي بحريه جو سڀ کان وڏو مرڪز چٽاگانگ ۾ واقع آهي. بنگلاديش ايئر فورس جو هڪ ايئر بيس، بنگلاديش آرمي جي گيريزن ۽ بنگلاديش ڪوسٽ گارڊ جي مکيه بيس سان گڏ بنگلاديش نيوي جو سڀ کان وڏو بيس چٽاگانگ ۾ واقع آهي. بنگلاديش ريلوي جو اوڀر زون چٽاگانگ ۾ واقع آهي. چٽاگانگ اسٽاڪ ايڪسچينج، 700 کان وڌيڪ لسٽ ٿيل ڪمپنين سان، بنگلاديش جي جڙيل اسٽاڪ مارڪيٽن مان هڪ آهي. چٽاگانگ ۾ چانهه جي نيلامي جو ڪموڊٽي ايڪسچينج آهي، جيڪو بنگلاديشي چانهه جي واپار سان ڊيل ڪري ٿو. چٽاگانگ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون (CEPZ) ۽ KEPZ پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري سان اهم صنعتي زون آهن. شهر کي گهريلو ۽ ٻاهرين پروازن لاءِ شاهه امانت انٽرنيشنل ايئرپورٽ طرفان خدمت ڏني ويندي آهي. ڪرنافلي سرنگ، ڏکڻ ايشيا جي پهرين ۽ واحد پاڻي هيٺ روڊ سرنگ، چٽاگانگ ۾ واقع آهي. شهر ممتاز معاشيات دانن، نوبل انعام يافته سائنسدانن، آزادي پسندن ۽ ڪاروباري ماڻهن جو آبائي شهر آهي. چٽاگانگ ۾ بنگلاديشي شهرن ۾ مذهبي ۽ نسلي تنوع جي اعليٰ درجو موجود آهي. وڏي مسلم اڪثريت هجڻ جي باوجود. اقليتن ۾ هندو، عيسائي، چکما، مارما، باروا، تريپوري، گارو ۽ ٻيا شامل آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Protect the Queen of the East". The Daily Star (انگريزي ۾). 10 July 2017. 3 September 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "History of Chittagong City Corporation". Chittagong City Corporation. اصل نسخو مان 13 August 2013 تي محفوظ ڪيل. 26 May 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Area, Population and Literacy Rate by Paurashava −2001" (PDF). Bangladesh Bureau of Statistics. اصل نسخو (PDF) مان 10 June 2007 تي محفوظ ڪيل. 18 September 2009 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Chittagong (City Corporation, Bangladesh) - Population Statistics, Charts, Map and Location".
- ↑ "Chattogram, Bangladesh Population (2025) - Population Stat".
- ↑ "Chittagong, Bangladesh Metro Area Population (1950-2025) | MacroTrends".
- ↑ "TelluBase—Dhaka Fact Sheet (Tellusant Public Service Series)" (PDF). 2024-10-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Definition of Chittagong". Dictionary.com (انگريزي ۾). 23 February 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Chittagong · Population". population.city. 30 April 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Bangladesh: Districts and Cities - Population Statistics, Maps, Charts, Weather and Web Information". www.citypopulation.de. 2024-08-31 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Ring, Trudy; Watson, Noelle; Schellinger, Paul (12 November 2012). Asia and Oceania: International Dictionary of Historic Places (انگريزي ۾). Routledge. ISBN 978-1-136-63979-1.
- ↑ Islam, Shariful; Hoque, Muhammad Manirul (December 2017). "Unpublished Umayyad and Abbasid Silver Coins in the Bangladesh National Museum". Journal of the Asiatic Society of Bangladesh 62 (2): 205–231. https://www.asiaticsociety.org.bd/journal/H_DEC_2017/4_H_Shariful%20%20%26%20Monir.pdf. Retrieved 9 March 2022. آرڪائيو ڪيا ويا [Date error] (2)[Date mismatch], حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Mint Towns". Banglapedia. 5 August 2021. 16 March 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Chittagong | History, Population, & Facts". Encyclopædia Britannica (انگريزي ۾). 23 February 2022 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Chittagong. |
Chittagong سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
- Official Web Portal of Chittagong
- Chittagong City Corporation
- Chittagong Development Authority
- Chittagong Metropolitan Police
Chisholm, Hugh, مرتب (1911). "Chittagong". Encyclopædia Britannica (11th ڇاپو). Cambridge University Press. {{cite encyclopedia}}: Invalid|ref=harv(مدد)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no map
- چتاءُ ويب آرڪائيو سانچو
- ويب آرڪائيو سانچي ۾ خلل
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- CS1 errors: invalid parameter value
- Wikipedia articles incorporating a citation from the 1911 Encyclopaedia Britannica with Wikisource reference
- Wikipaedia airticles incorporatin text frae the 1911 Encyclopædia Britannica
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- چٽاگانگ
- بنگلاديش
- چٽاگانگ ڊويزن
- بنگله ديش ۾ شهر
- چٽاگانگ ڊويزن ۾ شهر
- ايشيا جا بندرگاهه وارا شهر
- بنگله ديش ۾ آباد ساحلي هنڌ
- بنگلاديش جا بندرگاهه وارا شهر
- بنگال جي نار
- ايشيا ۾ اڳوڻيون ڪالونيون
- اڳوڻي پرتگالي ڪالونيون
- بنگلاديش جا ميٽروپوليٽن علائقا
- چٽگانگ ڊويزن ۾ آبادي وارا هنڌ
- ايشيا ۾ پرتگالي ڪالونائيزيشن