مواد ڏانھن هلو

چيڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چيڻو (عربي: دخن، فارسي: ارزن خورد، هندستاني، وغيره: ڪاڪن، کهنکي ۽ چينالم.) ٻاجهريءَ جي داڻن کان ڪجهه وڏا، سفيدي مائل ڳاڙهي رنگ جا داڻا آهن، هي اَن جو قسم آهي. ماني هن جي هلڪي غذا آهي.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سدا ڪري، ميل: گيھ ۽ کير، عيوض: چانور، وزن: ٻہ تولا.

اندرين پردن ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو، قابض آهي، پيشاب جاري ڪري ٿو، صفرا جي دستن کي بند ڪري ٿو، ڪچي بلغم کي پچائي ڪڍي ٿو. لوڻ سان گڏي ڪوسو ڪري سور ۽ سوڄ جي جاءِ تي ٽاڪور ڪرڻ سان سور ۽ سوڄ لهي ويندا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.