چيني ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(چيني ٻولي ٻولي کان چوريل)
چيني رسم الخط سان ڀل نہ کائو.

چيني ٻولي (انگريزي ٻولي: Chinese Language) دنيا جي تمام ٻولين کان مختلف هئي ۽ آهي، ان ۾ نہ الف بي آهن، نہ هِجيَ، نہ قائدا ۽ نہ لفظن جي ورهاست. هڪ ئي لفظ پنهنجي بيان، مضمون ۽ لهجي جي اعتبار کان اسم ذات، اسم صفت، فعل ۽ حال ٿي سگهي ٿو. هر هڪ ڳانڍاپي جا لفظ چئن کان نو لهجن تائين ادا ڪري سگهجن ٿا ۽ جنهن لمحي ۾ اُهي ادا ٿيا هوندا ان لحاظ کان اُن جي معنيٰ ۾ پڻ فرق ٿيندو آهي، اُنهن جي لکڻ جو طريقو بہ عجيب آهي، سِٽون اُفقي جي بدرآن عمودي هونديون آهن.

چيني ٻولي ۾ عام ڳالھ ٻولھ جي لاءِ ٻيا ٽِي هزار لفظ استعمال ٿيندا آهن، اخبار یا معمولي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ساڍا ٽي هزارنشانين جو ڄاڻڻ ضروري آهي، هڪ يونيورسٽي جي شاگرد کي ڇھ هزار نقشا (نشانيون) سکڻا پوندا آهن، جڏهن تہ هڪ چيني ٽائپ رائٽر ۽ ڪمپيوٽر ۾ پندرنهن کان ويھ هزار علامتون ڪتب اينديون آهن.

چيني ٻولي لِکڻ جي لاءِ هر لفظ آڏين ليڪن سان ملي ٺهي ٿو، جنهن کي Stroke چيو ويندو آهي، بنيادي طور تي چيني خط ۾ 12 اسٽروڪ استعمال ٿيندا آهن.