چوڪ عبدالغني
ڏيک
چوڪ عبدالغني، عبدالغني ڪير هو جنهن جي نالي تي اهو چوڪ مشهور ٿيو، ان جي صراحت ڪٿي به ٿيل ڪانه آهي. اهو چوڪ به ٺٽي جي مشهور چوڪن مان هو. جامع شاهجهانيءَ جي پٺيان اترئين ۽ اولهائينءَ ڪنڊ ۾ رستي تي جيڪا ننڍي مسجد امير خانيءَ جي نالي سان موجود آهي، سا ان زماني ۾ چوڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هوندي هئي، ۽ جتي مسجد آهي، ان محلي کي ”ڀائي خان جو محلو“ ڪري سڏبو هو. اهي چوڪ يا ته مسجد جي ڏکڻ ۽ اتر ۽ هئا يا وري اوڀر ۽ اولهه ۾، ليڪن قرين قياس اهو آهي ته اوڀر ۽ اولهه ۾ هوندا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو