چوماسو (لوڪ گيت)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چوماسو لوڪ گيت ٿر ۾ وڏي چاھ سان ڳايو ويندو آهي. هن گيت کي خاص ڪري عورتون سانوڻ جي وڻندڙ مند ۾ڳائينديون آهن. خاص ڪري پرديس تي پرڻيل نينگريون پنهنجي اباڻن جي اڪير، ساهيڙين جي سار ۽ ساڻيهه لاءِ واجهائڻ وغيره جهڙن موضوعن کي مد نظر رکندي بادلن، ۽ برساتين جي مند ۾ ڪڪرن کي پنهنجو قاصد ڪري نياز وچان نياپا موڪليندي، اندر جي اَجهل آواز مان نينهن جا نوري نظارا چٽينديون رهنديون آهن. نينهن جا نياپا هو نهايت سريلي ۽ مٺڙي آواز ۾ اهڙيءَ طرح ته گڏجي آلاپينديون آهن، جو ٻڌندڙن جي دل جهڄي پوي.تاريخي اعتبار کان هي گيت گهڻو آڳاٽو چيو وڃي ٿو.[1]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح ؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.