چنيسر گاھ
ڏيک
چنسير گاهه:
نالا: اردو - چام گهاس، هندي ۽ بنگالي - چام گهاس. سڃاڻپ: هن جا گل بدبودار ۽ پاڙ اڇي رنگ تي بصر جئان ٿئي ٿي. ذائقي ۾ تيز لوڻياٺو ۽ مزاج ۾ گرم خشڪ آهي. مقدار خوراڪ: پاڙ هڪ کان ٻن رتين تائين. پيدائش: بنگال ۾ عام پيدا ٿيندڙ گاهه آهي، جو برسات جي موسم ۾ جام ٿئي ٿو. خاصيت: هي مجفف، خشڪي پيدا ڪندڙ ۽ مسڪن اثر رکي ٿو. هن جا پن ڪاڙهي جلندر واري کي پياريا ويندا آهن. هيضي لاءِ هن جي پاڙ ڪارن مرچن سان گهي، گوريون بڻائي ڏنيون وينديون آهن. وڌيل تري جي گهٽائڻ لاءِ هن جي پاڙ ڪيوڙي ۾ رکي ڪجهه ڏينهن کارائي وڃي ته فائدو رسي ٿو. مناسب مرهمن ۾ سندس پاڙ ملائي ڦٽن تي لائجي ته خشڪ ٿي وڃن ٿا.[1]،
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو