مواد ڏانھن هلو

چندو پير جو ميلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چُندو پير:(انگريزي: Chandoo Pir's fair ) هي مشهور بزرگ پير پٿوري جي ڪُل مان آهي، جنهنڪري کيس پٿوري پوٽو چوندا آهن. هتي هڪ ڪچڍي مٽِءَ جو پاڙيئو ٺهيل آهي، جو ڳوٺ ڪانٽيي تعلقي ڇاڇري کان ٽي ميل ڏکڻ الهندي طرف ڇاڇري ڏي ويندڙ شاهي رستي تي، ڳوٺ مٺڙيي ڀرسان آهي. هتان ڇاڇرو- ڪنري لاريءَ جي سروس آهي. ميلو سڀڪنهن سال ڀڊي جي چنڊ تي لڳي ٿو، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. رواجي دڪان، خاص ڪري مٺائيءَ جو کلندا آهن. ملاکڙو ۽ وهٽن جون شرطون لڳنديون آهن. ماڻهو ڪافي انداز ۾ ايندا اهن. ڳوٺ ڪانٽيي جي پئنچات جي پاران سڀني کي ڀَت کارايو ويندو آهي[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو