مواد ڏانھن هلو

چندن گڍ (قلعو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چندن گڍ (انگريزي: Chandan Gadh fort) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر واري علائقي ۾ واقع ھڪ ڦٽل قلعي جو نالو آهي. ھي قلعو راڻي چندڻ سنگهه پٽ گوبندراءِ جو ٺهرايل هو. جنهن کي چندڻ گڍ چوندا هئا. جڏهن پارڪر جي راڻن بغاوت ڪئي، تڏهن مئي 1859ع ۾ انگريزي فوج ڪرنل ايونس جي ڪمان هيٺ ننگر پارڪر تي چڙهي آئي هئي ۽ اهو قلعو توپن سان اُڏائي ڇڏيائين[1]. .هن ٽڪريءَ جي چوڌاري ننگر پارڪر، ڀوڏيسر، موندرو مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو ۽ گهرٽياري وغيره ڳوٺ آهن، تن مان ننگر پارڪر جو ڳوٺ سڀني کان وڏو تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. انهن ڳوٺن ۾ واپاري ۽ ٻيا ڪاشتڪار ماڻهو رهن ٿا. هن ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪيترائي ڪولهي ۽ ٻيا، گهر جوڙي رهندا آهن جي اڪثر مزور ماڻهو آهن، مگر سانوڻيءَ ۾ اُهي به پوک جو ڪم ڪندا آهن. اُهي ڪارونجهر ٽڪريءَ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ڪري اچيو مٿين ڳوٺن ۾ وڪڻن. گاهه کانسواءِ گُگراني، ڪونڀٽ، ٿوهر، سرهه، ڄار، ٻٻر وغيره قسمن جا وڻ به آهن. گُگراني مان گگر ۽ ڪونڀٽ مان کونر، ماکيءَ جون مکيون به گهڻيون ٿينديون آهن، جنهن ڪري ماکي جام پيدا ٿئي ٿي. اُها به ٻين ملڪن ڏانهن واپاري ماڻهو وڪري لاءِ موڪليندا آهن. هن ٽڪريءَ ۾ سوئر، بگهڙ سوئر، گدڙ، چراخ (رجک) وغيره جهنگلي جانورن رهن ٿا ۽ مور پکي به هن ۾ گهڻا آهن، ڪارونجهر جي ٽڪريءَ مان نديون يا نئيون اهڙيون ڪونه ٿيون نڪرن، جنهن ڪري آباديءَ کي فائدو رسي، مگر برسات پوڻ بعد ڪنهن نئن ۾ ٻه چار ڏينهن ۽ ڪنهن ۾ هڪ ٻن مهينن تائين پاڻي وهندو آهي. انهن مان گورڌڙو، ڀٽياڻي، موندرو ۽ سابوسڻ مکيه نئيون آهن. گورڌڙو اڀرندي پاسي وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوي ٿو. ڀٽياڻي اوڀر طرف نڪري گورڌري سان گڏجي ٿي. مطلب ته سمورين نين جو پاڻي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو آهي. هن ٽڪريءَ جي چوڌاري وڏا وڏا تلاءُ آهن جن مان ڪن ۾ ٻارهن مهينا پاڻي رهندو آهي، ڪن ۾ پنج ڇهه مهينا ۽ ڪن ۾ ٻه ٽي مهينا پاڻي هوندو آهي. جن تلائن ۾ پاڻي رهندو آهي، تن مان هڪ لورائيءَ جو تلاءُ ڳوٺ گهر ٽياريءَ جي ويجهو آهي ۽ ڀوڏيسر جو تلاءُ ڳوٺ ڀوڏيسر جي ويجهو آهي،جنهن جي سنڌ گزيٽئر موجب ڊيگهه 400 فوٽ ۽ ويڪر 200 فوٽ آهي. تنهن کان سواءِ ڀاڻسر، نرياسر ۽ راڻاسر وغيره تلاءَ آهن جن ۾ چئن مهينن کان اٺن مهينن تائين پاڻي رهي سگهي ٿو. لورائيءَ جو تلاءُ سال 1900ع ۾ برسات جي پاڻيءَ سان ڀرجي پيو هو، جو سال 1912ع ۾ برسات گهٽ پوڻ سبب سڪي ويو. ٻارهن سال سانده پاڻيءَ سان ڀريل رهيو. ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪيترائي قديم ڦٽل ڳوٺن جا کنڊهر آهن، جي اڳئين زمان جي يادگيري ڏياري رهيا آهن[2].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، سال 1924ع، صفحو 46
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو