چن
ڏيک
چـُـن: نالا: ع. جص، ف. آهڪ، هه. وغيره___ چونا ۽ هلاڪ الشعر.
طب
[سنواريو]اثر: سڪل، گرم خشڪ، ڌوتل، معتدل، نقصان: قاتل آهي، ميل: روغن بادام، عيوض: هڙتال، وزن: هڪ کان چار رتيون. سڃاڻپ: پهڻن کي ساڙي اڇي رنگ جا ڳنڍا تيار ڪندا آهن، جي پاڻيءَ ۾ ڳري سگهن ٿا. خاصيت: آني جي اڇاڻ سان ملائي رت وهندڙ هنڌ تي رکجي، ته رت بند ٿئي. سرڪي ۾ ملائي پيشانيءَ تي رکجي ته نڪهير جو رت بند ٿئي. تازن ڌاڻن (ڪوتمير) جي پاڻيءَ سان ملائي سوڄ ۽ سور واريءَ جاءِ تي رکجي ته فائدو ڪري. بواسير جي رت ۽ موڪن لاءِ فائديمند آهي. (هن کي پاڻيءَ ۾ پسائي، زلال وٺي ۽ انهيءَ زلال ۾ ترن جو تيل ملائي باهه جي سڙيل عضوي تي بروقت رکجي ته بلڪل مفيد آهي.).[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو