مواد ڏانھن هلو

چترڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چترڪ:

نالا: ع. مسواک الراڪي، ف. بيخ برنده، هه. وغيره___ چتيا، شيترح، تيتره ۽ ليسديون. اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: جگر ۽ ڦڦڙن کي، ميل: کؤنر ۽ مصطگي، عيوض: منڃٺ، وزن: ٽي ماسا. سڃاڻپ: هي پاڙ ڳاڙهي رنگ تي لئي جي ڪاٺيءَ وانگر ٿيندي آهي. خاصيت: بلغم کي ۽ گهاٽن خلطن لاءِ جلاب آهي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري، ٻرهل ۽ جگر جو سور لاهي، صفرا جو جوش گهٽائي، اُلٽين ۽ وات جي ذائقي لاءِ، بدن جي خارش، سنڌن جي سور، بادفرنگ جي ڦٽن، سخت سوڄ لاءِ مفيد آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿي، هن کي گهي، ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن تي لڳائجي ته اُنهن کي صفا ڪري ٿي.[1]،

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو