مواد ڏانھن هلو

چاڙھيڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چاڙھيڪو شڪار جو هڪ طريقو، جيڪو شام جو واهيري مهل يا صبح جو ساجھر ٿيندو آهي. صبح جي وقت پکي وڻن تي آرام ۾ هوندا آهن، جن کي شڪاري بندوق کڻي اچي ماريندا آهن. هن شڪار ۾ ڪارڙا تتر ماربا آهن. هڪ پاليل ڪارڙو تتر پڃري ۾ وجھي جھنگ ۾ وڃي رکبو آهي. اهو ٻوليندو آهي تہ جھنگلي تتر ان جي ٻولي ٻڌي ساڻس وڙهڻ ايندا آهن. شڪاري بندوق سان ڀرسان لڪو ويٺو هوندو آهي ۽ اهڙن جھنگلي تترن جو شڪار ڪندو آهي. - ٿر واري پاسي، ڀِِٽن يا ٽؤنڪن تي چڙهي، وڃايل مال جي ڳولا ڪرڻ کي بہ چاڙهيڪو چوندا آهن.

حوالا

[سنواريو]